اسلام آباد- 16 مارچ (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سومر ڏينهن ڪاروباري هفتي جي شروعاتي تي ٻاڙائي جو رجحان رهيو، ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 4687.50 جي گهٽتائي کانپوءِ 149178.66 پوائنٽس تي بند ٿيو. مارڪيٽ ۾ 568 ڪمپنين جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، 90 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 324 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 154 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو …
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي شروعات تي ٻاڙائي جو رجحان

مزید خبریں
اسلام آباد- 16 مارچ (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سومر ڏينهن ڪاروباري هفتي جي شروعاتي تي ٻاڙائي جو رجحان رهيو، ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 4687.50 جي گهٽتائي کانپوءِ 149178.66 پوائنٽس تي بند ٿيو. مارڪيٽ ۾ 568 ڪمپنين جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، 90 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 324 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 154 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. مارڪيٽ ۾ مجموعي طور تي 298.27 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي جن جي ماليت 20.18 ارب روپيه هئي. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 1566.54 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 45487.48 پوائنٽس جڏهن ته اسلامي ماليات رکندڙ ايم آءِ 30 انڊيڪس 6718.51 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 213420.66 پوائنٽس تي بند ٿيو. فيوچر ٽريڊنگ تحت 7.73 ارب روپين جي ڏيتي ليتي ٿي. گذريل ڏينهن ڪي اليڪٽرڪ جي 18424455 شيئرز، نيشنل بينڪ 17860551 ۽ بينڪ آف پنجاب جي 17492619 شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي.











