وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي يونان جي مائيگريشن واري وزير سان ملاقات

روم-25 فيبروري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي جي روم ۾ يونان جي مائيگريشن واري وزير واسائلم اٿانا سيس پليورس سان ملاقات ٿي، جنهن ۾ انساني اسمگلنگ خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ سڀ کان اهم اڳڀرائي پاڪستان ۽ يونان وچ ۾ ٻن سالن کان التوا جو شڪار مائيگريشن تعاون معاهدي تي اتفاق ٿيو. ٻنهي ملڪن گڏيل سهڪار لاءِ هڪ جوائنٽ ورڪنگ …

روم-25 فيبروري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي جي روم ۾ يونان جي مائيگريشن واري وزير واسائلم اٿانا سيس پليورس سان ملاقات ٿي، جنهن ۾ انساني اسمگلنگ خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ سڀ کان اهم اڳڀرائي پاڪستان ۽ يونان وچ ۾ ٻن سالن کان التوا جو شڪار مائيگريشن تعاون معاهدي تي اتفاق ٿيو. ٻنهي ملڪن گڏيل سهڪار لاءِ هڪ جوائنٽ ورڪنگ گروپ جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪو قانوني لڏپلاڻ ۽ ورڪ ويزائن جي انگ ۾ اضافي تي ڪم ڪندو. گهرو وزير محسن نقوي چيو ته غير قانوني اميگريشن جي روڪٿام لاءِ قانوني رستن کي آسان بڻائڻ وقت جي ضرورت آهي. هن پوليس ۽ پيراملٽري فورسز جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ يونان جي ٽيڪنالاجي تعاون جي آجيان ڪئي. يوناني وزير پاڪستان جي انساني اسمگلنگ جي روڪٿام وارن قدمن جي ساراهه ڪئي ۽ پوليس خدمت مرڪز گلوبل جي ماڊل کي به ساراهيو. وفد ۾ ڊي جي ايف آءِ اي، ايم ڊي سيف سٽي احسن يونس ۽ ٻيا سينئر پوليس آفيسر به شامل هئا.

مزید خبریں