اسلام آباد-25 فيبروري (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري جي صدارت هيٺ امن امان بابت اهم اجلاس گهرو وزارت ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي گهرو سيڪريٽري، سمورن صوبن جي آءِ جيز ۽ هوم سيڪريٽريز، چيف ڪمشنر ۽ آءِ جي اسلام آباد شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سڄي ملڪ ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال، درپيش چئلينجز ۽ آئنده جي لائحه عمل جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. …
گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري جي صدارت هيٺ امن امان بابت اهم اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد-25 فيبروري (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري جي صدارت هيٺ امن امان بابت اهم اجلاس گهرو وزارت ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي گهرو سيڪريٽري، سمورن صوبن جي آءِ جيز ۽ هوم سيڪريٽريز، چيف ڪمشنر ۽ آءِ جي اسلام آباد شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سڄي ملڪ ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال، درپيش چئلينجز ۽ آئنده جي لائحه عمل جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ امن ۽ استحڪام جي قيام لاءِ گڏيل حڪمت عملي تي به اتفاق ٿيو. اجلاس ۾ صوبائي حڪومتن کي گهربل وسيلن ۽ فني معاونت جي فراهمي لاءِ وفاقي سطح تي خصوصي قدمن جي خاطري ڪرائي وئي. مملڪتي وزير چيو ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ رياست جي اولين ترجيح آهي، دهشتگردي خلاف جاري جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارڪردگي واکاڻ جوڳي آهي.











