وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي اسلام آباد ۾ نو چائلڊ ليفٽ بيهائنڊ مهم جي شروعات ڪري ڇڏي

اسلام آباد-25 فيبروري (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ تعليم تائين پهچ کي مضبوط بڻائڻ لاءِ هڪ اهم قدم طور آءِ سي ٽي سطح تي نو چائلڊ ليفٽ بيهائنڊ مهم جي باضابطه شروعات ڪري ڇڏي آهي. هي هڪ هدفي ۽ مقرر مدي تي ٻڌل قدم آهي، جنهن جو مقصد اسلام آباد جي حدن ۾ هر …

اسلام آباد-25 فيبروري (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ تعليم تائين پهچ کي مضبوط بڻائڻ لاءِ هڪ اهم قدم طور آءِ سي ٽي سطح تي نو چائلڊ ليفٽ بيهائنڊ مهم جي باضابطه شروعات ڪري ڇڏي آهي. هي هڪ هدفي ۽ مقرر مدي تي ٻڌل قدم آهي، جنهن جو مقصد اسلام آباد جي حدن ۾ هر اسڪول کان ٻاهر ٻار کي داخلا ڏيارڻ ۽ سڀني لاءِ پائيدار ۽ معياري تعليمي موقعن کي يقيني بِڻائڻ آهي. اها مهم وفاقي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وزارت جي سربراهي ۾ شروع ڪئي وئي آهي ۽ حڪومت جي ان پختي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي ته جيڪو پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل -25 اي جي تحت هر ٻار کي مفت ۽ لازمي تعليم جي فراهمي کي يقيني بڻائي ٿو. وفاقي وزير ان قدم کي شموليت ۽ جوابدهي جو مشن قرار ڏيندي چيو ته حڪومت وڌ کان وڌ وسيلا استعمال ۾ آڻيندي، اداره جاتي رابطن کي مضبوط بڻائيندي ۽ جديد حڪمت عملي اختيار ڪندي ته جيئن آءِ سي ٽي ۾ ڪو به ٻار، غربت، سماجي رڪاوٽن، معذوري يا ٻين مسئلن سبب تعليم کان محروم نه رهي. هن چيو ته ايندڙ ٽن سالن ۾ وڌ کان وڌ ٻارن جي نشاندهي ڪري انهن کي ٻيهر اسڪول آڻڻ جو منصوبو تيار ڪيو ويو آهي. آئوٽ آف اسڪول چلڊرن بابت فيدرل ايڪشن پلان (2030ع-2025ع) تحت آءِ سي ٽي سطح تي ان مهم دروان يونين ڪائونسل جي سطح تي گهر گهر سروي ۽ جامع نقشي سازي ذريعي اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي درست نشاندهي ۽ رجسٽريشن ڪئي ويندي. سيڪنڊ شفٽ، تيز رفتار تعليمي پروگرامز ۽ متبادل تعليمي رستن جو دائرو وڌائي اسڪولن ۾ گنجائش ۾ اضافو ڪيو ويندو. شفافيت، جوابدهي ۽ پيمائش جوڳي اڳڀرائي لاءِ ڊجيٽل ڊيش بورڊز ۽ ريئل ٽائيم مانيٽرنگ سسٽمز لاڳو ڪيا ويندا. والدين، ڪميونٽي اڳواڻ، سول سوسائٽي ۽ ترقياتي حصيدارن کي متحرڪ ڪري ان قومي مقصد ۾ گڏيل ذميواري کي هٿي ڏني ويندي. وفاقي وزير چيو ته هي رڳو اعلان ناهي پر هڪ عملي ۽ قابل پيمائش عزم آهي، اسان وڌ کان وڌ داخلا، مستقل حاضري ۽ معياري تعليمي نتيجن کي يقيني بڻائينداسين. اسان جو هدف واضح آهي، آءِ سي ٽي ۾ تعليمي محرومي جو خاتمو، تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وزارت سمورن لاڳاپيل ڌرين سميت تعليمي عملدارن، استادن، ميڊيا نمائندن ۽ ڪميونٽي ميمبرن کي اپيل ڪري ٿي ته هو ان انقلابي قدمن جي ڀرپور حمايت ڪن ۽ اسلام آباد جي هر ٻار جي روشن مستقبل کي يقيني بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.

مزید خبریں