اتحادي حڪومت ۾ شامل پارٽين جي گڏيل تعاون سان قومي ترقي جو سفر وڌيڪ تيز ڪري سگهجي ٿو: وزيراعظم شهباز شريف جي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد  -25 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتحادي پارٽين جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ مشاورت کي قومي استحڪام ۽ پاليسين جي تسلسل جي لاءِ لازمي قرار ڏيندي چيو آهي ته اتحادي حڪومت ۾ شامل پارٽين جي گڏيل تعاون سان قومي ترقي جو سفر وڌيڪ تيز ڪري سگهجي ٿو، وفاقي حڪومت سنڌ ۾ جاري ترقياتي منصوبن جي جلد کان جلد تڪميل جي لاءِ هر ممڪن تعاون …

اسلام آباد  -25 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتحادي پارٽين جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ مشاورت کي قومي استحڪام ۽ پاليسين جي تسلسل جي لاءِ لازمي قرار ڏيندي چيو آهي ته اتحادي حڪومت ۾ شامل پارٽين جي گڏيل تعاون سان قومي ترقي جو سفر وڌيڪ تيز ڪري سگهجي ٿو، وفاقي حڪومت سنڌ ۾ جاري ترقياتي منصوبن جي جلد کان جلد تڪميل جي لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن اسلام آباد ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ سنڌ جي وڏي وزير صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن ۾ اڳڀرائي بابت وزيراعظم کي تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ ۾ جاري ترقياتي منصوبن جي جلد کان جلد تڪميل جي لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. هن لاڳاپيل وزارتن کي هدايت ڪئي ته اهي صوبائي حڪومت سان ويجهو رابطو رکن ته جيئن عوامي ڀلائي جي منصوبن ۾ تيزي آڻي سگهجي. وزيراعظم چيو ته پيپلزپارٽي وفاق جي اهم اتحادي پارٽي آهي ۽ اتحادي حڪومت ۾ شامل پارٽين جي گڏيل تعاون سان قومي ترقي جو سفر وڌيڪ تيز ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته اتحادي پارٽين جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ مشاورت قومي استحڪام ۽ پاليسين جي تسلسل جي لاءِ لازمي آهي. وزيراعظم اتحادي حڪومت جي هڪ اهم اتحادي جي طور تي سنڌ جي قيادت جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ مضبوط رابطن سان جمهوري نظام کي سگهه ملندي ۽ عوام جي مسئلن جي حل ۾ مدد ملندي. ملاقات ۾ سنڌ جي سياسي معاملن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي پڻ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، احسن اقبال، وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله پڻ موجود هئا.

مزید خبریں