اسلام آباد -25 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اتر ۽ ڏکڻ سرحدن تي فتنه الهندستان ۽ فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ صدر چيو ته آپريشنز دوران 34 دهشتگردن جو مارجڻ ۽ هٿيارن جي برآمدگي سيڪيورٽي فورسز جي اعليٰ ڪارڪردگي جو مظهر آهي. هن چيو ته سيڪيورٽي …
صدر آصف علي زرداري پاران فتنه الهندستان ۽ فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد -25 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اتر ۽ ڏکڻ سرحدن تي فتنه الهندستان ۽ فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ صدر چيو ته آپريشنز دوران 34 دهشتگردن جو مارجڻ ۽ هٿيارن جي برآمدگي سيڪيورٽي فورسز جي اعليٰ ڪارڪردگي جو مظهر آهي. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ”عزمِ استحڪام“ جي ويزن تحت دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ ڀرپور قدم جاري رکندا. هن چيو ته ملڪي سلامتي ۽ عوام جي تحفظ جي لاءِ ٻاهرئين پٺڀرائي ۾ سرگرم دهشتگردن جي خلاف آپريشنز ۾ ڪا گهٽتائي نه اچڻ گهرجي.











