وزيراعظم شهباز شريف پاران فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جي خلاف بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد  -25 فيبروري (اي پي پي)  وزيراعظم محمد شهباز شريف فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جي خلاف بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته سيڪيورٽي فورسز ڪيترين ئي ڪاررواين ۾ پنهنجي پيشيواراڻي مهارت سان خيبرپختونخواهه جي 26 ۽ بلوچستان ۾ فتنه الهندستان جي 8 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو …

اسلام آباد  -25 فيبروري (اي پي پي)  وزيراعظم محمد شهباز شريف فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جي خلاف بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته سيڪيورٽي فورسز ڪيترين ئي ڪاررواين ۾ پنهنجي پيشيواراڻي مهارت سان خيبرپختونخواهه جي 26 ۽ بلوچستان ۾ فتنه الهندستان جي 8 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو آهي. هن چيو ته دهشتگرد تنظيمن جي خلاف پاڪ فوج مسلسل ڪاميابيون حاصل ڪري رهي آهي ۽ انشاءَ الله ان کي پاڙ کان پٽي سُک جو ساهه کڻنداسين. هن چيو ته عزمِ استحڪام جي ويزن تحت ملڪ مان جلد دهشتگردي جو خاتمو ٿيندو، ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ حڪومت پُرعزم آهي.

مزید خبریں