اسلام آباد -25 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف معاشي ترقي جي لاءِ اقتصادي سڌارن کي وقت جي اهم گهرج قرار ڏيندي چيو آهي ته چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مجموعي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، روانگي واپار ۾ اضافي جي بي پناهه گنجائش آهي، بجيٽ ۾ سڌوسنئون ٽيڪسن ۾ گهٽتائي آڻڻي پوندي، 200 ارب رپين جي بجلي چوري جي روڪٿام ڪرڻي پوندي، مهانگائي جي …
معاشي ترقي جي لاءِ اقتصادي سڌارا وقت جي ضرورت آهي، اڏار پاڪستان تي عمل ڪري ملڪ ترقي جي نئين بلندين تي پهچندو، بجيٽ ۾ سڌوسنئون ٽيڪسن تي گهٽتائي آڻڻي پوندي: وزيراعظم شهباز شريف جو پاڪستان گورننس فورم 2026ع جي افتتاحي سيشن کي خطاب

مزید خبریں
اسلام آباد -25 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف معاشي ترقي جي لاءِ اقتصادي سڌارن کي وقت جي اهم گهرج قرار ڏيندي چيو آهي ته چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مجموعي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، روانگي واپار ۾ اضافي جي بي پناهه گنجائش آهي، بجيٽ ۾ سڌوسنئون ٽيڪسن ۾ گهٽتائي آڻڻي پوندي، 200 ارب رپين جي بجلي چوري جي روڪٿام ڪرڻي پوندي، مهانگائي جي شرح 38 سيڪڙو کان گهٽ ٿي سنگل ڊيجيٽ تي اچي وئي آهي، پاليسي ريٽ 22 سيڪڙو کان گهٽ ٿي ساڍا 10 سيڪڙو تي آهي، آءِ ٽي روانگي واپار ۾ 34 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، ٻن سالن ۾ بجلي جي قيمت ساڍا 8، 9 رپيا في يونٽ گهٽ ٿي آهي، پي ڊبليو ڊي ۽ يوٽيلٽي اسٽور جهڙن ادارن جي خاتمي سان خزاني تي بار گهٽ ٿيو آهي، نوجوانن کي موجوده دور جي علم سان ليس ڪنداسين، صوبا، وفاق ۽ عسڪري قيادت گڏجي ملڪي ترقي جي لاءِ ڪم ڪن ته ملڪ جي قسمت جلد بدلجي ويندي، اڏار پاڪستان تي عمل ڪري ملڪ ترقي جي نئين بلندين تي پهچندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان گورننس فورم 2026ع جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ وفاقي وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن، پاڪستان ۾ برطانيا جي هاءِ ڪمشنر ۽ ٻين شرڪت ڪئي. وزيراعظم پاڪستان گورننس فورم جي ڪامياب انعقاد تي منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته اڏار پاڪستان پروگرام کي احسن اقبال بهترين انداز ۾ هلائي رهيو آهي، ان سان پاڪستان ڪاميابي ماڻيندو. هن چيو ته جون 2023ع ۾ پاڪستان ڏيوالپڻي جي ويجهو هو پر الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم ۽ ڀرپور محنت سان اسان ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچي وياسين ۽ ٻن سالن ۾ ميڪرو اقتصادي صورتحال ٽيم ورڪ جي نتيجي ۾ مستحڪم ٿي آهي، ان ۾ وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتن ۽ سياسي ۽ عسڪري قيادت جو اهم ڪردار آهي، گڏيل ڪوششن سان ملڪ کي معاشي بهتري طرف گامزن ڪيو ويو آهي، اسان جي مجموعي اقتصادي صورتحال ماضي جي ڀيٽ ۾ حوصلي جوڳي آهي. هن چيو ته ڪجهه سال اڳ ناڻي واڌ جي شرح 38 سيڪڙو تائين پهچي وئي هئي، اڄ اها سنگل ڊيجيٽ تي آهي، پاليسي ريٽ جيڪو ڪجهه عرصو اڳ 22 سيڪڙو هو اڄ ساڍا 10 سيڪڙو تائين اچي ويو آهي تنهن هوندي به روانگي واپار کي جنهن رفتار سان وڌڻ گهرجي ها ان رفتار سان ته نه وڌيو پر ان ۾ ترتيبوار اضافو ٿي رهيو آهي ۽ اضافي جي بي پناهه گنجائش آهي، اسان ڀرپور ڪوشش ڪنداسين ته روانگي واپار ۾ خاطرخواهه اضافو ٿئي، وڌيڪ محنت ڪري ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻو آهي. سڌارن جي حوالي سان هن چيو ته آءِ ايم ايف جي پروگرام جون شرطون آهن پر ڪجهه سڌارا اسان جا پنهنجا آهن جن سان آءِ ايم ايف جو ڪو تعلق نه آهي، وقت جي گهرج آهي ته اسان ان تي عمل ڪريون، اقتصادي سڌارا وقت جي اهم گهرج آهي. هن چيو ته بجلي جي شعبي ۾ مختلف ٽيڪس شامل هئا جن ۾ ڪراس سبسڊي پڻ هئي ان کي ختم ڪيو ويو آهي ۽ ٻن سالن ۾ بجلي جي قيمت ساڍا 8، 9 رپيا في يونٽ گهٽ ٿي آهي، سولر جي حوالي سان جائز موقف ٻڌو ويو جيڪي سولر پلانٽس لڳي چڪا آهن ۽ جيڪي سيڙپڪاري ڪري چڪا آهن انهن کي اسان تحفظ فراهم ڪيو آهي ۽ جيڪي اڳتي لڳائڻ چاهيندا اهي نئين نظام تحت لڳائي سگهن ٿا، بجلي جي شعبي ۾ بهتري جي لاءِ ڀرپور ڪوششن جو ڪريڊٽ بجلي واري وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري ۽ سندس ٽيم ڏانهن وڃي ٿو پر 200 ارب رپين جي بجلي چوري ٿئي ٿي ان تي ڀرپور ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، اهڙي طرح ڪاروبار ۾ آساني پيدا ڪرڻ جي حوالي سان اسان ڪجهه قدم کنيا آهن پر وڌيڪ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن ڪرپشن جو ڳڙهه هو، ان جو اسان مڪمل خاتمو ڪيو آهي، گذريل سال رمضان المبارڪ ۾ حقدارن تائين ڊيجيٽل ٽرانزيڪشنز جي ذريعي رقم پهچائي وئي، هلندڙ سال رمضان ۾ 38 ارب رپيا ڊيجيٽل والٽس جي ذريعي پوري ملڪ ۾ ماڻهن کي گهرن تائين پهچائي رهيا آهيون، ان سان ماڻهن کي نه ته لائينن ۾ بيهڻو پوي ٿو ۽ نه ئي انهن جي عزت نفس مجروح ٿي آهي ۽ نه ئي غيرمعياري شيون ملي رهيون آهن. وزيراعظم چيو ته پي ڊبليو ڊي ۽ يوٽيلٽي اسٽور جهڙن ادارن جي خاتمي سان خزاني تي بار گهٽ ٿيو آهي ۽ اربين رپيا پگهارن ۽ ڪرپشن ۾ وڃي رهيا هئا انهن جو خاتمو ٿيو آهي، پي ڊبليو ڊي کان وڌيڪ ناپاڪ ادارو پاڪستان ۾ ڪو هو ئي نه ان جو به مڪمل طور تي خاتمو ڪيو ويو آهي، پي ڊبليو ڊي جي حوالي سان ڪيتريون ئي سفارشون آيون پر مون انهن کي رد ڪري ڇڏيو ۽ سڀني کي سرپلس پول ۾ موڪلي ڇڏيو آهي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ ڪاروباري ڦيٿو هلائڻ جي لاءِ اهم قدم کنيا ويا آهن، اهو هڪ وڏو چئلينج ۽ ڏکيو سفر آهي جنهن کي اسان کي طئي ڪرڻو آهي، چئلينج کي اسان قبول ڪيو آهي، وفاقي حڪومت ۽ چئني صوبن جون حڪومتون گڏجي ڏينهن رات محنت سان هلنديون رهن ته منهنجو ايمان آهي ته پاڪستان تمام جلد پنهنجو وڃايل مقام حاصل ڪري وٺندو. وزيراعظم چيو ته ڪاروباري برادري سان تازو ئي منهنجون ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيون آهن، انهن سان مشاورت ڪئي آهي ۽ ڪيترائي فيصلا انهن جي مشاورت جي روشني ۾ ڪيا ويا آهن، ڪاروبار ڪرڻ حڪومت جو ڪم نه آهي، ڪاروبار هلائڻ ڪاروباري ماڻهن جو ڪم آهي، حڪومت جو ڪم انهن کي سهولت فراهم ڪرڻ آهي، تازن ڏينهن ۾ هڪ ڀرپور ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي وڏي برآمد ڪندڙن جي پذيرائي ڪئي وئي ۽ انهن کي ٽرافيون ڏنيون ويون ۽ ٻن سالن جي لاءِ بليو سپورٽس ڏنا ويا آهن، ايڪسپورٽ ري فنانس اسڪيم تحت ساڍا 7 سيڪڙو جي شرح کي ٽي سيڪڙو گهٽ ڪري ساڍا چار سيڪڙو ڪري ڇڏيو آهي، بجلي جي قيمت ۾ به چار رپيا في يونٽ گهٽتائي جو اعلان ڪيو ويو. هن چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي معدنيات ۽ ٻين قدرتي وسيلن سان مالامال ڪري رکيو آهي، وڌيڪ محنت ڪري ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻو آهي، روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ بي پناهه گنجائش موجود آهي، ملڪ ۾ ڪنهن شيءَ جي گهٽتائي نه آهي، جيڪڏهن اسان عزم ڪري وٺون ته پاڪستان ڪجهه سالن ۾ ڪيترن ئي ملڪن کي پٺتي ڇڏي ويندو، چئني صوبن سان گڏجي ڏينهن رات محنت ڪنداسين، پاڪستان وٽ اهي وسيلا آهن جيڪي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن وٽ نه آهن، لائيو اسٽاڪ ۽ ڊيري فارمنگ جي شعبي ۾ پاڪستان وٽ تمام گهڻي صلاحيت آهي، ملڪ جي مجموعي اقتصادي صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ صوبن سان گڏجي هلنداسين، سنڌ، پنجاب، خيبرپخوتنخواهه ۽ بلوچستان ۾ تمام گهڻي صلاحيت آهي، لائيو اسٽاڪ ۽ ڊيري فارمنگ جي عالمي واپار ۾ اسان جو حصو تمام گهٽ آهي ان کي وڌائڻو پوندو، اسان کي تيزي سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته جي ڊي پي جي تناسب سان ٽيڪس وصولي جي شرح ساڍا 10 سيڪڙو آهي جيڪا ٻه سال اڳ اٽڪل 9 سيڪڙو هئي، جيستائين گروٿ نه ٿيندي ۽ پيداوار نه وڌندي، روانگي واپار نه وڌندو، سيڙپڪاري نه آڻينداسين ته ٽيڪس ڪيترا لڳائيندا وينداسين، اسان کي ايندڙ بجيٽ ۾ سڌوسنئون ٽيڪسن ۾ گهٽتائي آڻڻي پوندي ته جيئن ڪاروباري برادري کي خبر پوي ته انهن جو سرمايو ٽيڪس جي ور نه ٿو چڙهي پر اڻ سڌا ٽيڪسز ڪجهه ڪاروباري ماڻهو جمع نه ٿا ڪرائين، صارفين کان ورتا وڃن ٿا اهي صارفين کان وٺي کيسي ۾ وڌا وڃن ته ان کان وڏو قوم سان ظلم ۽ زيادتي ڪا نه ٿي ٿي سگهي، شگر، سيمنٽ ۽ تماڪ جا شعبا اڻ سڌن ٽيڪس جي عدم ادائيگي ۾ سرفهرست آهن، شگر انڊسٽري ۾ 2024ع جي ڀيٽ ۾ سيلز ٽيڪس جي وصولي ۾ گذريل سال 36 ارب رپيا ۽ سيمنٽ انڊسٽري ۾ 60 ارب رپين جو اضافو ٿيو آهي، اهڙي طرح تماڪ ۽ ٻين شعبن کان سيلز ٽيڪس وصول ڪيو وڃي ٿو، جيڪڏهن ٽيڪس جمع نه ٿيندا ته قرض ڪيئن لهندا، ان صورتحال جو چڱي طرح ادراڪ هجڻ گهرجي، اسان هڪ ٿي ڏينهن رات ڪوشش ڪري رهيا آهيون، هي ٽيم ورڪ آهي، صوبا، وفاق ۽ عسڪري قيادت گڏجي ملڪي ترقي جي لاءِ ڪم ڪندا ته ملڪ جي جلد قسمت بدلجي ويندي. وزيراعظم چيو ته هن مختلف ملڪن جا دورا ڪيا آهن، دوست ۽ ڀائر ملڪن جا پڻ دورا ڪيا آهن، اتان اهو پيغام مليو آهي ته توهان جا قرض رول اوور ڪري رهيا آهيون اسان انهن جا ٿورا ادا ڪريون ٿا پر ڇا اسان جي لاءِ اها خوشي جي ڳالهه آهي. اسان جي ڪاميابي دوست ملڪن کان قرض جي ري شيڊيولنگ بدران ڪاروباري معاهدن ۾ آهي، اهو وقت اچڻ وارو آهي ته ملڪ ۾ انويسٽمينٽ ايندي. وزيراعظم چيو ته آءِ ٽي جي شعبي ۾ بي پناهه گنجائش موجود آهي، آءِ ٽي جي روانگي واپار ۾ 34 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، آءِ ٽي واري وفاقي وزير ۽ آءِ ٽي وارو سيڪريٽري ۽ سندس پوري ٽيم ڏينهن رات محنت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته نوجوان آبادي اسان جو تمام وڏو اثاثو آهي، ان کي اسان فني ۽ پيشيواراڻي تربيت فراهم ڪنداسين، گڏجي اسان انهن کي بااختيار بڻائينداسين ۽ موجوده دور جي ٽيڪنيڪي علم سان ليس ڪنداسين، هنرمند نوجوانن جي شموليت سان اسان جي زراعت، صنعت ۽ سمورا شعبا ترقي ڪندا، نوجوانن جي لاءِ مختلف پروگرامن تي عمل جاري آهي. وزيراعظم چيو ته وفاقي وزير احسن اقبال کي هدايت ڪئي آهي ته صوبن سان گڏجي اڏار پاڪستان کي عملي شڪل ڏي ان سان پاڪستان جي معيشت ڪيترن ئي ٽريلين ڊالر تائين وڌي سگهي ٿي. تقريب کي منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال پڻ خطاب ڪيو. وزيراعظم منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير سان گڏجي پي ايس ڊي پي ڊيٽا پورٽل پڻ جاري ڪيو.











