حڪومت جي توانائي شعبي ۾ سڌارن سبب ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿي رهيو آهي: وفاقي وزير علي پرويز ملڪ

اسلام آباد -25 فيبروري (اي پي پي) پيٽروليم بابت وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي، ته حڪومت جي توانائي شعبي ۾ سڌارن سبب ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿي رهيو آهي ۽ پاڪستان پيٽروليم ۽ گئس جي شعبي ۾ استحڪام  ڏانهن وڌي رهيو آهي. پاڪستان گورننس فورم 2026ع جي موقعي تي اي پي پي سان ڳالهائيندي هن چيو ته توانائي جي شعبي کي درپيش بنيادي مسئلا اڳين حڪومت …

اسلام آباد -25 فيبروري (اي پي پي) پيٽروليم بابت وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي، ته حڪومت جي توانائي شعبي ۾ سڌارن سبب ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿي رهيو آهي ۽ پاڪستان پيٽروليم ۽ گئس جي شعبي ۾ استحڪام  ڏانهن وڌي رهيو آهي. پاڪستان گورننس فورم 2026ع جي موقعي تي اي پي پي سان ڳالهائيندي هن چيو ته توانائي جي شعبي کي درپيش بنيادي مسئلا اڳين حڪومت کان ورثي ۾ مليا جڏهن ته موجوده حڪومت مشڪل ۽ جرئتمنداڻا فيصلا ڪري صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته اڄ ترڪيه پيٽروليم ۽ آذربائيجان جي سرڪاري آئل ڪمپني سوڪار پاڪسان ۾ سيرپڪاري ۾ دلچسپي وٺي رهيون آهن، جيڪو مارڪيٽ جي اعتماد جو ظهر آهي.  وفاقي وزير چيو ته عالمي ريٽنگ ايجنسين ۽ مالياتي ادارا پاڪستان جي قدمن کي هاڪاري انداز سان ڏسي رهيا آهن. آءِ ايم ايف پروگرام تحت گئس شعبي ۾ ڪراس سبسڊي جو بار گهٽ ڪيو ويو آهي جڏهن ته سرڪلر ڊيٽ جي اصل ڳاڻيٽي ۾ به گهٽتائي آئي آهي. هن موجب جون ۾ گئس سيڪٽر جو سرڪلر ڊيٽ 1830 ارب روپيا هو جيڪو گهٽجي اٽڪل 1815 يا 1816 ارب روپين اچي چڪو آهي ۽ ايندڙ رپورٽ ۾ وڌيڪ بهتر جي اميد آهي. هن واضح ڪيو ته سرڪلر ڊيٽ م تازو اضافو بنيادي قرضن ۾ نه پر وياج جي ادائگين سبب ٿيو آهي ڇاڪاڻ ته ماضي جي جمع ٿيل بقايائن جي مڪمل ادائگي تائين وياج ۾ اضافو ٿيندو رهندو آهي، علي پرويز ملڪ جو چوڻ هو ته حڪومت سياسي سرمايو داءَ تي لڳائي سڌارا ڪيا، جن جا ثمر هاڻي  اچڻ شروع ٿيا آهن. هن ميڊيا کي اپيل ڪئي ته هو  عوام کي حقيقتن کان آگاهه ڪن ته جيئن سڌارا جاتي قدمن جي صحيح تصوير سامهون اچي سگهي. هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت ۽ سمورا اسٽيڪ هولڊرز مستقل مزاجي سان ان ئي رستي تي گامزن رهيا ته پاڪستان توانائي جي شعبي م اهو مقام ٻيهر حاصل ڪري سگهي ٿو جنهن جو هو عالمي سطح تي حقدار آهي.

مزید خبریں