ملڪ ۾ دالين جي آمدني واپار ۾ جاري مالي سال دوران گهٽتائي، چانهه جي آمدني واپار ۾ اضافو رڪارڊ

اسلام آباد-25 فيبروري (اي پي پي) ملڪ ۾ دالين جي آمدني واپار ۾ جاري مالي سال دوران گهٽتائي، جڏهن ته چانهه جي آمدني واپار ۾ اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. قومي شماريات اداري ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي انگن اکرن مطابق جولاءِ کان جنوري 2026ع تائين جي مدي ۾ دالين جي آمدني واپار تي 453.31 ملين ڊالرز جو ناڻو خرچ ٿيو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي جي ڀيٽ ۾ 14.13 سيڪڙو …

اسلام آباد-25 فيبروري (اي پي پي) ملڪ ۾ دالين جي آمدني واپار ۾ جاري مالي سال دوران گهٽتائي، جڏهن ته چانهه جي آمدني واپار ۾ اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. قومي شماريات اداري ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي انگن اکرن مطابق جولاءِ کان جنوري 2026ع تائين جي مدي ۾ دالين جي آمدني واپار تي 453.31 ملين ڊالرز جو ناڻو خرچ ٿيو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي جي ڀيٽ ۾ 14.13 سيڪڙو گهٽ آهي، گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي ۾ دالين جي آمدني واپار تي 518.20 ملين ڊالرز جو ناڻو خرچ ٿيو هو، جنوري ۾ دالين جي آمدني واپار جو ڳاڻيٽو 83.79 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو ڊسمبر ۾ 69.96 ملين ڊالر ۽ گذريل سال جنوري ۾ 78.93 ملين ڊالر هو، مالي سال  2025ع ۾ دالين جي آمدني واپار تي 891.035 ملين ڊالرز جو ناڻو خرچ ٿيو هو. انگن اکرن مطابق مالي سال جي شروعاتي 7 مهينن ۾ چانهه جي آمدني واپار تي 375.95 ملين ڊالرز جو ناڻو خرچ ٿيو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي جي ڀيٽ ۾ 6.39 سيڪڙو وڌيڪ آهي، گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي ۾ چانهه جي آمدني واپار تي 353.024 ملين ڊالرز جو ناڻو خرچ ٿيو هو، جنوري ۾ چانهه جي آمدني واپار جو ڳاڻيٽو 58.95 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو ڊسمبر ۾ 58.97 ملين ڊالر ۽ گذريل سال جنوري ۾ 47.63 ملين ڊالر هو، مالي سال  2025ع ۾ چانهه جي آمدني واپار تي 600.64 ملين ڊالرز جو ناڻو خرچ ٿيو هو.

مزید خبریں