پشاور -25 فيبروري (اي پي پي)ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي، ته ليپ ٽاپ اسڪيم رڳو ڊجيٽل ڊيوائسز جي ورهاست ناهي پر اها نوجوانن جي مستقبل ۾ رياست جي هڪ اسٽريٽجڪ سيڙپڪاري آهي، اڄ جي دنيا ۾ قومون رڳو افرادي قوت جي تعداد سان نه پر پنهنجي افرادي قوت جي ذهني صلاحيت، تخليقي سوچ ۽ فني مهارتن جي بنياد تي مقابلو ڪن ٿيون. …
ليپ ٽاپ اسڪيم رڳو ڊجيٽل ڊيوائسز جي ورهاست ناهي پر اها نوجوانن جي مستقبل ۾ رياست جي هڪ اسٽريٽجڪ سيڙپڪاري آهي: وفاقي وزير انجنيئر امير مقام

مزید خبریں
پشاور -25 فيبروري (اي پي پي)ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي، ته ليپ ٽاپ اسڪيم رڳو ڊجيٽل ڊيوائسز جي ورهاست ناهي پر اها نوجوانن جي مستقبل ۾ رياست جي هڪ اسٽريٽجڪ سيڙپڪاري آهي، اڄ جي دنيا ۾ قومون رڳو افرادي قوت جي تعداد سان نه پر پنهنجي افرادي قوت جي ذهني صلاحيت، تخليقي سوچ ۽ فني مهارتن جي بنياد تي مقابلو ڪن ٿيون. انهن خيالن جو اظهار هن يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي پشاور حيات آباد ڪيمپس ۾ وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم جي ورهاست واري تقريب ۾ مهمان خاص طور خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته اڄ منهنجي لاءِ اهو انتهائي خوشي، فخر ۽ جذبن سان ڀرپور ڏينهن آهي ته مان پنهنجي مادر علمي يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي پشاور ۾ مهمان خاص طور موجود آهيان، هيءَ ئي اها درسگاهه آهي جتان مون انجنيئرنگ جي تعليم حاصل ڪئي آهي، جتان مون عملي زندگي جو سفر شروع ڪيو. اڄ ان يونيورسٽي ۾ پنهنجي نوجوان شاگردن ۾ ليپ ٽاپس ورهائڻ منهنجي لاءِ اعزاز جو سبب آهي. وفاقي وزير چيو ته انجنيئرنگ ڪنهن به ملڪ جي ترقي، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي هوندي آهي، روڊن کان وٺي ڊيمن تائين صنعتن کان وٺي انفارميشن ٽيڪنالاجي تائين، توانائي کان وٺي دفاع تائين هر شعبي ۾ انجنيئرز جو ڪردار بنيادي ۽ اهم آهي. هڪ مضبوط معيشت جي بنياد مضبوط انفراسٽرڪچر ۽ جديد ٽيڪنالاجي تي هوندي آهي ۽ اها ذميواري انجنيئرز جي ئي ڪلهن تي هوندي آهي. هن چيو ته اڄ جو دور ڊجيٽل ۽ تيڪنالاجي جو دورو آهي ۽ اهي قومون ترقي جي ڊڳوڙ م اڳيان آهن جيڪي سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي تعليم تي سيڙپڪاري ڪري رهيون آهن. انجنيئرز جي حيثيت سان مان هميشه انجنيئرنز جي مسئلن ۽ انهن جي حقن لاءِ آواز بلند ڪيو آهي. چاهي پوءِ اسيمبلي جو فلور هجي، ڪابينه جو اجلاس هجي يا ڪو ٻيو فورم مان انجنيئرز جي روزگار، انهن جي پيشيواراڻي عزت ۽ سندن جائز حقن جي تحفظ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ آئينده به ڪندو رهندس ڇاڪاڻ ته مان ڄاڻان ٿو ته انجنيئرز جي محنت ۽ صلاحيت ملڪ جي تقدير بدلائي سگهي ٿي. وفاقي وزير چيو جيڪڏهن اسان اڀرندڙ ٽيڪنالاجيل شعبن ۾ ڪيل اهم قدمن جو ذڪر ڪيون ته 2017ع ۾ نيشنل سينٽر فار آرٽيفيشل انٽيليجنس قائم ڪيو ويو، ان وقت جڏهن پاڪستان ۾ آرٽيفيشل انتيليجنس عام موضوع نه هو، اڄ اهو مرڪز ملڪ ۾ اي آءِ تحقيق جو اهم ٿنڀ آهي. ڊجيٽل خودمختياري ۽ قومي سلامتي جي تحفظ لاءِ نيشنل سينٽر فار سائبر سيڪيورٽي جو قيام عمل آندو ويو ته سائبر خطرن کي اثرائتي انداز ۾ منهن ڏئي سگهجي. جديد ڊيٽا تجزياتي صلاحيت کي هٿي وٺائڻ لاءِ نيشنل سينٽر فار بيگ ڊيٽا اينڊ ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ ٺاهيو ويو، ڪيترين ئي انجنيئرنگ يونيورسٽين کي قومي نيٽ ورڪ سان ڳنڍيو ويو آهي ته جيئن تحقيق کي صنعت سان جوڙي سگهجي ۽ ليباريٽرين جي سطح تي ٿيندڙ تحقيق کي مارڪيٽ تائين پهچائي سگهجي. ان تسلسل ۾ چين پاڪستان اقتصادي راهداري کي معاشي ترقي جي اسٽريٽجڪ محرڪ طور اڳيان وڌايو ويو جنهن انفراسٽرڪچر، توانائي ۽ صنعتي شعبن ۾ نيون راهون کوليون، نوجوان ۽ فريش انجنيئرز کي عملي ميدان م موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ تاريخي قدم تحت پي ايس ڊي پي منصوبن ۾ 10 هزار انٽرنشپس کي لازمي قرار ڏنو ويو آهي. ان پروگرام تحت هڪ سال جي انٽرنشپ دوران هر انجنيئر کي ماهوار 50 هزار روپيا وظيفو ڏنو ويندو بلڪل ايئن جيئن ڊاڪٽرز کي هائوس جاب دوران معاوضو ڏنو ويندو آهي، ان قدم جو مقصد نوجوان انجنيئرز کي باعزت روزگار جا موقعا ۽ عملي تجربا فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن هو صنعت ۽ قومي منصوبن ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگهن. اهو اهم پروگرام وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت م مارچ ۾ پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام تحت باضابطا طور لانچ ويو ويندو. اهي سمورا قدم ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهن ته حڪومت نوجوانن کي رڳو واعدا نه پر عملي موقعا فراهم ڪري رهي آهي.











