اسلام آباد-25 فيبروري (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. اربع ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 12 ھزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 35 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 7 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 7 هزار 100 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد 13 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 13 هزار 900 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 8 هزار 500 ڪيوسڪ …
درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

مزید خبریں
اسلام آباد-25 فيبروري (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. اربع ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 12 ھزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 35 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 7 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 7 هزار 100 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد 13 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 13 هزار 900 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 8 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 60 هزار ڪيوسڪ،جڏهن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 6 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ ٻڙي ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. بئراجن جي صورتحال مطابق گڊو بئراج ۾ پاڻي جي آمد 40 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 36 هزار 300 ڪيوسڪ، سکر بئراج ۾ پاڻي جي آمد 35 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 9 هزار 600 ڪيوسڪ، ڪوٽڙي بئراج ۾ پاڻي جي آمد 5 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ ٻڙي ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن ۾ تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1475.14 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1550 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 2.018 ملين ايڪڙ فوٽ. منگلا ۾ گھٽ ۾ گھٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ موجوده سطح 1174.25 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 2.802 ملين ايڪڙ فوٽ، جڏهن ته چشمه ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 643.30 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.070 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو.











