اسلام آباد-25 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جو ٻن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪرڻ کان پوءِ وطن واپس پهچي ويو. دوري دوران هن قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني ۽ قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان بن جاسم الثاني سان ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، …
وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جو ٻن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪرڻ کان پوءِ وطن واپس پهچي ويو

مزید خبریں
اسلام آباد-25 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جو ٻن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪرڻ کان پوءِ وطن واپس پهچي ويو. دوري دوران هن قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني ۽ قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان بن جاسم الثاني سان ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم جو خاص مددگار طارق فاطمي به موجود هئا. وزيراعظم نائب وزيراعظم ۽ دفاعي معاملن واري مملڪتي وزير شيخ سعود بن عبدالرحمان بن حسن بن علي الثاني سان پڻ ملاقات ڪئي، جڏهن ته قطر بزنس مين ايسوسيئيشن (ڪيو بي اي) جي وفد ايسوسيئيشن جي چيئرمين شيخ فيصل بن قاسم الثاني جي قيادت ۾ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وطن روانگي کان اڳ دوحا جي ڪنگ حمد عالمي هوائي اڏي تي قطر جي ڪائونسل آف منسٽرز جي ميمبر سلطان بن سعد بن سلطان المريخي، قطر ۾ مقرر پاڪستان جي سفير محمد عامر ۽ سفارتي عملي وزيراعظم کي الوداع ڪيو.











