صدر آصف علي زرداري پاران بکر ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت

اسلام آباد - 24 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بکر ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڌماڪي ۾ پوليس اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ انهن جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. هن حملي ۾ زخمي ٿيندڙ اهلڪارن جي جلد …

اسلام آباد – 24 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بکر ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڌماڪي ۾ پوليس اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ انهن جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. هن حملي ۾ زخمي ٿيندڙ اهلڪارن جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں