وزيراعظم شهباز شريف ۽ قطر جي نائب وزيراعظم ۽ دفاعي معاملن واري مملڪتي وزير شيخ سعود بن عبدالرحمان بن حسن بن علي الثاني جي وچ ۾ خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه

دوحه - 24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قطر جي نائب وزيراعظم ۽ دفاعي معاملن واري مملڪتي وزير شيخ سعود بن عبدالرحمان بن حسن بن علي الثاني خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ گڏيل ڪوششن جي اهميت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قطر …

دوحه – 24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قطر جي نائب وزيراعظم ۽ دفاعي معاملن واري مملڪتي وزير شيخ سعود بن عبدالرحمان بن حسن بن علي الثاني خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ گڏيل ڪوششن جي اهميت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قطر جي نائب وزيراعظم ۽ دفاعي معاملن واري مملڪتي وزير شيخ سعود بن عبدالرحمان بن حسن بن علي الثاني ملاقات ڪئي، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. ملاقات دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قطر جي نائب وزيراعظم ۽ دفاعي معاملن واري مملڪتي وزير دفاع ۽ سيڪيورٽي ۾ ٻطرفي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ مضبوط ۽ تاريخي لاڳاپن جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي هٿياربند فوج جي وچ ۾ جاري تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن دفاعي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ تعاون کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم تي زور ڏنو. شيخ سعود پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي حصيداري کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۾ قطر جي دلچسپي کان آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ علائقائي صورتحال خاص طور تي ايران ۽ افغانستان جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ گڏيل ڪوششن جي اهميت تي زور ڏنو ويو. ٻنهي طرفن کان خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ گڏيل ڪوششن جي اهميت تي زور ڏنو ويو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ قطر جي گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ پنهنجي اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ بلند ڪرڻ جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪئي وئي.

مزید خبریں