وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قطر جي پرڏيهي واپار واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر احمد بن محمد السيد جي ملاقات

دوحه - 24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قطر جي پرڏيهي واپار واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر احمد بن محمد السيد پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ صنعتي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪندي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپيل عملدارن تي ٻڌل ٽاسڪ فورس جو اجلاس گهرائڻ تي اتفاق ڪيو آهي جنهن ۾ پاڪستان ۾ قطري سيڙپڪاري جي لاءِ ٺوس …

دوحه – 24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قطر جي پرڏيهي واپار واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر احمد بن محمد السيد پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ صنعتي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪندي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپيل عملدارن تي ٻڌل ٽاسڪ فورس جو اجلاس گهرائڻ تي اتفاق ڪيو آهي جنهن ۾ پاڪستان ۾ قطري سيڙپڪاري جي لاءِ ٺوس تجويزن تي غور ڪيو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قطر جي پرڏيهي واپار واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر احمد بن محمد السيد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ موجود هئا. ڊاڪٽر احمد بن محمد السيد پاڪستان – قطر جوائنٽ بزنس ٽاسڪ فورس جو چيئرمين پڻ آهي. ملاقات دوران هن ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي تعاون جو جائزو ورتو ۽ پاڪستان قطر لاڳاپن ۾ وڌندڙ رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ٻطرفي واپاري ماپي کي وڌائڻ ۽ قطر کي پاڪستان جي روانگي واپار خاص طور تي زرعي مصنوعات، کاڌي پيتي جي شين ۽ ويليو ايڊيڊ شين جي برآمدات کي سگهارو بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي ڌرين پاڪستان – قطر گڏيل وزارتي ڪميشن جي ڇهين اجلاس جي فالو اپ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ طئي ٿيل فيصلن تي عملدرآمد جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم پاڪستان جي سيڙپڪار دوست سڌارن ۽ غيرملڪي سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ڪردار تي پڻ روشني وڌي. ڊاڪٽر احمد بن محمد السيد اقتصادي تعاون کي سگهه ڏيڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ نجي شعبي ۽ ڪاروباري رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۾ قطر جي دلچسپي جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ڌرين رمضان المبارڪ دوران ٻنهي ملڪن جي لاڳاپيل عملدارن تي ٻڌل ٽاسڪ فورس جو اجلاس گهرائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو جنهن ۾ پاڪستان ۾ قطري سيڙپڪاري جي لاءِ ٺوس سيڙپڪاري جي تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ صنعتي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي گڏيل عزم تي زور ڏنو ويو.

مزید خبریں