اسلام آباد ۾ عدالت ٻاهران ٿيل بم ڌماڪي جي متاثرن لاءِ وزيراعظم جي منظوري سان هڪ جامع امدادي پئڪيج تيار ٿي چڪو آهي: اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد -24 فيبروري (اي پي پي) قانون ۽ انصاف بابت وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي، ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي فوري قدم کنيا ويا ۽ هاڻي هڪ مڪمل امدادي پئڪيج تيار ڪري منظور ڪيو ويو آهي. سينيٽ جي اجلاس م اسلام آباد جي اليون ڪورٽ ٻاهران ٿيل بم ڌماڪي جي متاثرن لاءِ امدادي پئڪيج بابت هن چيو ته واقعو نهايت سنجيده نوعيت جو …

اسلام آباد -24 فيبروري (اي پي پي) قانون ۽ انصاف بابت وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي، ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي فوري قدم کنيا ويا ۽ هاڻي هڪ مڪمل امدادي پئڪيج تيار ڪري منظور ڪيو ويو آهي. سينيٽ جي اجلاس م اسلام آباد جي اليون ڪورٽ ٻاهران ٿيل بم ڌماڪي جي متاثرن لاءِ امدادي پئڪيج بابت هن چيو ته واقعو نهايت سنجيده نوعيت جو هو ۽ حڪومت فوري ۽ اثرائتو ريسپانس ڏنو.  هن چيو ته ڌماڪي ۾ ڪيترائي وڪيل شهيد ۽ زخمي ٿيا جن ۾ سپريم ڪورٽ جو هڪ نوجوان وڪيل به شامل هو. هن چيو ته هن پاڻ ۽ گهرو وزير فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهچي ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪرڻ جي عمل جي نگراني ڪئي. هن چيو ته زخمين جي علاج جو ذاتي طور نگراني ڪئي ۽ اسپتال ۾ موجود رهيو. اعظم نذير تارڙ چيو ته شهيد وڪيلن جي خاندان سان قانون ۽ انصاف واري زوارت فوري رابطو ڪيو جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي امدادي قدمن جي شروعات ڪئي وئي، زخمين کي طبي سهولتن جي فراهمي سان گڏ مالي مدد به ڪئي وئي. هن ايوان کي آگاهه ڪيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي منظوري سان هڪ جامع امدادي پئڪيج منظور ٿي چڪو آهي ۽ امدادي رقم جي ورهاست بابت تفصيل ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ جاري ڪيا ويندا. سندس چوڻ هو ته حڪومت پنهنجي ذميواري پوري ڪندي ۽ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.

مزید خبریں