ڪوهاٽ ۾ دهشتگردن جي فائرنگ، ڊي ايس پي سميت 4 پوليس اهڪار شهيد، پوليس موبائيل کي باهه

پشاور -24 فيبروري (اي پي پي)ڪوهاٽ جي پسگردائي واري علائقي شڪر دره روڊ تي دهشتگردن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ ڊي ايس پي واحد محمود سميت 4 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا. واقعي دوران دهشتگردن پوليس موبائيل کي به باهه لڳائي ڇڏي، جنهن سبب صورتحال وڌيڪ ڳڻتي جوڳي ٿي وئي. پوليس اختيارين موجب پوليس ٽيم معمول جي گشت تي هئي ته اوچتو هٿياربندن سندن مٿان فائرنگ شروع ڪري ڏني، فائرنگ …

پشاور -24 فيبروري (اي پي پي)ڪوهاٽ جي پسگردائي واري علائقي شڪر دره روڊ تي دهشتگردن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ ڊي ايس پي واحد محمود سميت 4 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا. واقعي دوران دهشتگردن پوليس موبائيل کي به باهه لڳائي ڇڏي، جنهن سبب صورتحال وڌيڪ ڳڻتي جوڳي ٿي وئي. پوليس اختيارين موجب پوليس ٽيم معمول جي گشت تي هئي ته اوچتو هٿياربندن سندن مٿان فائرنگ شروع ڪري ڏني، فائرنگ جي مٽاسٽا ۾ 3 اهلڪار سخت زخمي ٿي يپا، جن کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو پر هو زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويا، جڏهن ته علاج دوران هڪ ٻيو اهلڪار به شهيد ٿي ويو جنهن کان پوءِ دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿيلن جو تعداد 4 ٿي ويو. واقعي بعد پوليس ۽ ضلعي انتظاميه  علائقي جو ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب حملو ڪندڙ دهشتگرد فرار ٿي ويا آهن جن جي ڳولا لاءِ وڏي پئماني تي ڪارروائيون جاري آهن. ضلعي پوليس اختيارين واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي، ته حملي ۾ ملوث عنصرن کي جلد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. جڏهن ته واقعي کان پوءِ اهلڪارن جي گهر ڀاتين سان رابطو ڪيو ويو ۽ فوري امدادي قدم کنيا پيا وڃن.

مزید خبریں