قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران ڪرڪ ۾ ايف سي جي قلعي تي دهشتگردن جي ڪواڊ ڪاپٽر ڊرون حملي جي مذمت

اسلام آباد -24 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڪرڪ ۾ ايف سي جي قلعي تي دهشتگردن جي ڪواڊ ڪاپٽر ڊرون حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ مذمتي بيان ۾ هن حملي ۾ زخمي ٿيل اهلڪارن کي اسپتال کڻي ويندڙ ايمبولينس تي دهشتگردن جي ٻيهر حملي جي به مذمت ڪئي ۽ چيو ته ڪرڪ ۾ ايف سي اهلڪارن تي بزدلاڻو حملو انتهائي افسوس …

اسلام آباد -24 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڪرڪ ۾ ايف سي جي قلعي تي دهشتگردن جي ڪواڊ ڪاپٽر ڊرون حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ مذمتي بيان ۾ هن حملي ۾ زخمي ٿيل اهلڪارن کي اسپتال کڻي ويندڙ ايمبولينس تي دهشتگردن جي ٻيهر حملي جي به مذمت ڪئي ۽ چيو ته ڪرڪ ۾ ايف سي اهلڪارن تي بزدلاڻو حملو انتهائي افسوس جوڳو آهي. ايمبولينس ۾ زخمي ايف سي اهلڪارن ۽ ريسڪيو عملي کي نشانو بڻائڻ انسانيت سوز فعل آهي. ايمبولينس تي حملو ۽ زخمين کي زنده ساڙڻ وحشت جو بدترين مثال آهي. اهڙن جانور صف دهشتگرد عنصرن کي ڪڏهن به معاف نه ڪيو ويندو. دهشتگرد انسانيت جا دشمن آهن ۽ سندن ڪنهن به مذهب سان ڪو تعلق ناهي. اسپيڪر شهيد ايف سي اهلڪارن ۽ ايمبولينس جي عملي کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته قوم پنهنجي شهيدن جي انهن قربانين کي سلام پيش ڪري ٿي. اسپيڪر  زخمين جي جلد صحتيابي  لاءِ دعا ڪئي ۽  چيو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ متاثره خاندانن جي ڏک م برابر جا شريڪ آهيون. دهشتگردي جي ناسور جي مڪمل خاتمي لاءِ پوري قوم پاڪ فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. اسپيڪر شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ سوڳوار خاندان لاءِ صبر جي دعا به ڪئي.

مزید خبریں