سينيٽ چيئرمين جي سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي پاران ڏنل افطار ڊنر ۾ شرڪت

اسلام آباد -24 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلانيءَ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي پاران ڏنل افطار ڊنر ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ملڪ جي اهم سياسي، سفارتي ۽ سماجي شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. افطار ڊنر ۾ پنجاب جو گورنر سليم حيدر، ڪي پي ڪي جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، سنڌ جو گورنر ڪامران خان ٽيسوري، وفاقي وزير، سينيٽر، وزيراعظم …

اسلام آباد -24 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلانيءَ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي پاران ڏنل افطار ڊنر ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ملڪ جي اهم سياسي، سفارتي ۽ سماجي شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. افطار ڊنر ۾ پنجاب جو گورنر سليم حيدر، ڪي پي ڪي جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، سنڌ جو گورنر ڪامران خان ٽيسوري، وفاقي وزير، سينيٽر، وزيراعظم جي مشير، گهرو معاملن واري مملڪتي وزير ، ايم اين ايز ۽ ٻين پارليامينٽيرين سميت ڊپلوميٽس، بيورو ڪريٽس، صحافين، مشهور ڪاروباري شخصيتن، سيڙپڪارن ۽ واپاري به شرڪت ڪئي. افطار دوران سينيٽ چيئرمين ۽ سعودي سفير وچ ۾ پاڪ – سعودي ٻه طرفه لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي صورتحال، مسلمان امت کي درپيش چئلينجز ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون کي هٿي وٺائڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ تاريخي، مضبوط ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ انهن کي نواڻ سان همڪنار ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. سينيٽ چيئرمين خادم حرمين شريفين لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان پنهنجن لاڳاپن کي نهايت قدر ۽ احترام جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ مذهبي، ثقافتي ۽ اسٽريٽجڪ رابطا وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن، جيڪي گڏيل اعتماد ۽ يڪجهتي جو روشن مثال آهن. ان موقعي تي سعودي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي چيو ته سعودي عرب، پاڪستان سان پنهنجن لاڳاپن کي خاص اهميت ڏئي ٿو. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن هميشه هڪ ٻئي جي موقف جي حمايت ڪئي آهي ۽ مستقبل ۾ به اهو سهڪار وڌيڪ سگهه اختيار ڪندو.

مزید خبریں