دوحا- 24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڱاري ڏينهن قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني ۽ قطر جي وزيراعظم شيخ محمد بن عبدالرحمان بن جاسم الثاني سان ملاقاتون ڪندو جنهن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، قطر جو وزيراعظم پاڪستان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف …
وزيراعظم قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني ۽ قطر جي وزيراعظم شيخ محمد بن عبدالرحمان بن جاسم الثاني سان ملاقاتون ڪندو

مزید خبریں
دوحا- 24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڱاري ڏينهن قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني ۽ قطر جي وزيراعظم شيخ محمد بن عبدالرحمان بن جاسم الثاني سان ملاقاتون ڪندو جنهن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، قطر جو وزيراعظم پاڪستان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سندس وفد جي اعزاز ۾ افطار ڊنر پڻ ڏيندو. وزيراعظم سان قطر جي نائب وزيراعظم ۽ دفاع جي معاملن واري مملڪتي وزير ۽ قطر جي پرڏيهي واپار واري وزير جي ملاقاتن جو به امڪان آهي. وزيراعظم سان قطر بزنس مين ايسوسيئيشن جو هڪ وفد به ملاقات ڪندو.











