وفاقي آئيني عدالت ۾ محمود اچڪزئي جي مخالف ڌر جي اڳواڻ جي مقرري چئلينج

اسلام آباد-23 فيبروري (اي پي پي) پي ٽي آءِ باني ميمبر اڪبر ايس بابر وفاقي آئيني عدالت ۾ درخواست داخل ڪندي محمود خان اچڪزئي جي قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي حيثيت سان مقرريءَ کي چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. درخواست شوڪت عزيز صديقي ذريعي داخل ڪرائي وئي. درخواست ۾ سوال اُٿاريو ويو آهي ته ڪو سزا يافته ۽ نااهل شخص جيل مان ويهي پارلياماني عمل کي ڪنٽرول ڪري …

اسلام آباد-23 فيبروري (اي پي پي) پي ٽي آءِ باني ميمبر اڪبر ايس بابر وفاقي آئيني عدالت ۾ درخواست داخل ڪندي محمود خان اچڪزئي جي قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي حيثيت سان مقرريءَ کي چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. درخواست شوڪت عزيز صديقي ذريعي داخل ڪرائي وئي. درخواست ۾ سوال اُٿاريو ويو آهي ته ڪو سزا يافته ۽ نااهل شخص جيل مان ويهي پارلياماني عمل کي ڪنٽرول ڪري سگهي ٿو؟ ماضيءَ ۾ استعيفائن جي تصديق لاءِ اسپيڪر ميمبرن کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪندا رهيا آهن پر هن ڀيري طريقيڪار کي نظرانداز ڪيو ويو. وڌيڪ چيو ويو آهي ته مخالف ڌر جو عهدو جوڊيشل ڪميشن ۽ اليڪشن ڪميشن جي اهم مقررين ۾ اهم ڪردار دا ڪري ٿو ۽ صحيحن جي تصديق کانسواءِ جاري ڪيل نوٽيفڪيشن صرف غلطي نه پر آئين جي ڀڃڪڙي آهي. درخواست ۾ عدالت کي گذارش ڪئي وئي آهي ته محمود خان اچڪزئي جي مقرريءَ جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ۽ ڪيس جي حتمي فيصلي تائين نوٽيفڪيشن معطل ڪيو وڃي.

مزید خبریں