اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڊيره اسماعيل خان ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته آپريشن دوران ڀارتي پٺڀرائي ۾ سرگرم خوارج کي مارڻ ۽ انهن کان هٿيار بازياب ڪرڻ فورسز جي پيشيواراڻي مهارت ۽ عزم …
صدر آصف علي زرداري پاران ڊيره اسماعيل خان ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڊيره اسماعيل خان ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته آپريشن دوران ڀارتي پٺڀرائي ۾ سرگرم خوارج کي مارڻ ۽ انهن کان هٿيار بازياب ڪرڻ فورسز جي پيشيواراڻي مهارت ۽ عزم جو مظهر آهي. هن چيو ته ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم دهشتگرد عنصرن جي خلاف ڪارروايون قومي سلامتي جي تحفظ جي لاءِ لازمي آهن. صدر چيو ته قوم کي پنهنجي بهادر فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي قربانين تي فخر آهي. هن چيو ته دهشتگردن جا غيرملڪي سرپرست ياد رکن ته پاڪستان رڳو انهن جي پوئلڳن کي جهنم ڀيڙو نه ڪندو پر انهن سرپرستن تائين پڻ پهچندو.











