اسلام آباد-23 فيبروري (اي پي پي) سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان (ايس اي سي پي) وضاحت جاري ڪئي آهي ته ڪجهه ميڊيا رپورٽن ۾ پرڏيهي ڪمپنين جي بند ٿيڻ بابت انگ اکر غلط طور تي پيش ڪيا پيا وڃن. ايس اي سي پي طرفان جاري بيان موجب 1157 پرڏيهي ڪمپنيون پاڪستان ۾ رجسٽرڊ آهن، جيڪي ملڪ ۾ پرڏيهي ملڪي ڪاروباري موجودگي جي تسلسل ۽ سيڙپڪاري جي ماحول تي اعتماد …
پاڪستان ۾ 1157 پرڏيهي ڪمپنيون رجسٽرڊ آهن، پرڏيهي ڪمپنين جي بندش بابت غلط انگ اکر شمار غلط طور تي پيش ڪيا ويا: ايس اي سي پي جي وضاحت

مزید خبریں
اسلام آباد-23 فيبروري (اي پي پي) سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان (ايس اي سي پي) وضاحت جاري ڪئي آهي ته ڪجهه ميڊيا رپورٽن ۾ پرڏيهي ڪمپنين جي بند ٿيڻ بابت انگ اکر غلط طور تي پيش ڪيا پيا وڃن. ايس اي سي پي طرفان جاري بيان موجب 1157 پرڏيهي ڪمپنيون پاڪستان ۾ رجسٽرڊ آهن، جيڪي ملڪ ۾ پرڏيهي ملڪي ڪاروباري موجودگي جي تسلسل ۽ سيڙپڪاري جي ماحول تي اعتماد جي عڪاسي ڪن ٿيون. گذريل مهيني صرف جنوريءَ دوران 82 مقامي ڪمپنين ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري رڪارڊ ڪئي وئي. اها سيڙپڪاري چين، آمريڪا، آسٽريليا، ترڪيه، برطانيه، ڏکڻ آفريقا، ڊينمارڪ، جرمني، ملائيشيا، ڏکڻ ڪوريا ۽ اسپين سميت مختلف ملڪن مان آئي آهي. واضح رهي ته 2002ع کان 2025ع دوران 79 نيون پرڏيهي ڪمپنيون پاڪستان ۾ رجسٽرڊ ٿيون جڏهن ته ان دوران صرف 19 پرڏيهي ڪمپنين مخلتف سببن جي بنياد تي پنهنجون سرگرميون بند ڪيون. اهو به واضح ڪيو وڃي ٿو ته ميڊيا جن125 پرڏيهي ملڪي ڪمپنين جو حوالو ڏنو آهي اهي 1977ع کان هاڻ تائين بند ٿيل ڪمپنين جو مجموعي انگ آهي. اها فهرست صرف گذريل 3 سالن بابت ناهي. ايس اي سي پي جي ڊيٽا ۾ هر ڪمپنيءَ جي نالي سان گڏ ڪمپني جي بند ٿيڻ جو سال به واضح طور تي داخل آهي جنهن مان ڄاڻ جي شفافيت ۽ درستگي يقيني بڻجي ٿي.











