راولپنڊي-23 فيبروري (اي پي پي) بلوچستان جي ضلعي پشين ۾ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪامياب ڪارروائي ڪندي آپگهاتي حملو ڪندڙ سميت فتنه الخوارج جي 5 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر مطابق 22 فيبروري 2026ع تي سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي پشين ۾ ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ خارجين جي موجودگي جي اطلاع تي انٽيلي جنس تي ٻڌل آپريشن ڪيو. …
سيڪيورٽي فورسز جي پشين ۾ ڪامياب ڪارروائي، آپگهاتي حملو ڪندڙ سميت فتنه الخوارج جا 5 دهشتگرد جهنم ڀيڙو: آءِ ايس پي آر

مزید خبریں
راولپنڊي-23 فيبروري (اي پي پي) بلوچستان جي ضلعي پشين ۾ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪامياب ڪارروائي ڪندي آپگهاتي حملو ڪندڙ سميت فتنه الخوارج جي 5 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر مطابق 22 فيبروري 2026ع تي سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي پشين ۾ ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ خارجين جي موجودگي جي اطلاع تي انٽيلي جنس تي ٻڌل آپريشن ڪيو. آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز مختلف هٿيارن ذريعي خارجين کي اثرائتي طريقي سان نشانو بڻايو. شديد فائرنگ جي ڏي وٺ بعد هڪ آپگهاتي بمبار خارجي بزدلي جو مظاهرو ڪندي پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو جڏهن ته ڀارت جي سرپرستي هيٺ وڌيڪ 4 خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو. مارجي ويل خارجين جي قبضي مان هٿيار، گوله بارود ۽ ڌماڪي دار مادو به هٿ ڪيو ويو آهي. اهي دهشتگرد علائقي ۾ دهشتگردي جي مختلف ڪارروائين ۾ سرگرم هئا. علائقي ۾ موجود ڪنهن به ٻئي ڀارتي سرپرست يافتا دهشتگرد جي خاتمي لاءِ ”سينيٽائزيشن آپريشن“ جاري آهي. نيشنل ايڪشن پلان جي وفاقي ايپڪس ڪميٽي جي منظور ڪيل ويزن ”عزم استحڪام“ تحت سيڪيورٽي فورسز ۽ پاڪستان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران دهشتگردي خلاف اها مهم پوري قوت سان جاري رهندي ته جيئن ملڪ مان پرڏيهي سرپرستي ۾ هلندڙ دهشتگردي جي لعنت جو مڪمل خاتمو ڪري سگهجي.











