لاهور -23 فيبروري (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن بابت وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته حڪومت جو ويزن نوجوانن کي ڊجيٽل دنيا سان ڳنڍڻ آهي، ملڪي ترقي لاءِ معاشي پاليسين جو تسلسل اڻٽر آهي، 2025ع تائين سمورن اسپرنگ سيشنز جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ميرٽ جي بنياد تي ليپ ٽاپ ورهايا ويا، انهن خيالن جو اظهار هن انجنيئرنگ يونيورسٽي آف لاهور ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف …
حڪومت جو ويزن نوجوانن کي ڊجيٽل دنيا سان ڳنڍڻ آهي، ملڪي ترقي لاءِ معاشي پاليسين جو تسلسل اڻٽر آهي: وفاقي وزير احسن اقبال

مزید خبریں
لاهور -23 فيبروري (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن بابت وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته حڪومت جو ويزن نوجوانن کي ڊجيٽل دنيا سان ڳنڍڻ آهي، ملڪي ترقي لاءِ معاشي پاليسين جو تسلسل اڻٽر آهي، 2025ع تائين سمورن اسپرنگ سيشنز جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ميرٽ جي بنياد تي ليپ ٽاپ ورهايا ويا، انهن خيالن جو اظهار هن انجنيئرنگ يونيورسٽي آف لاهور ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ليپ ٽاپ اسڪيم تحت ليپ ٽاپ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته موجوده حڪومت نوجوانن کي جديد ٽيڪنالاجي تائين پهچ، تعليم ۽ تحقيق جي ميدان ۾ اڳيان وڌڻ جا هڪجهڙا موقعا فراهم ڪندي، اسان چاهيون ته غريب گهراڻن سان تعلق رکندڙ شاگرد به اڳيان وڌن ۽ پاڪستان جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته حڪومت پاران آرٽيفيشل انٽيليجنس جي منصوبن تي هڪ ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي پئي وڃي، آءِ ٽي پروگرامز ۽ انٽر پرينيور ادارا قائم ڪيا ويا آهن، هاڻي شاگرد ڪوڊنگ ذريعي گهر ويٺي روزگار جا موقعا حاصل ڪري سگهندا ڇاڪاڻ ته ليپ ٽاپ جي دنيا انقلاب جي دنيا آهي. شاگردن کي گهرجي ته هو ليپ ٽاپ اسڪيم مان ڀرپور فائدو کڻن. وفاقي وزير شاگردن کي مخاطب ٿيندي چيو ته هو سوشل ميڊيا تي جعلي خبرن کان پري رهن ۽ پنهنجون توانائيون تعليم ۽ تحقيق تي ڏين، اڄ ڪلهه فيڪ نيوز ذريعي رياست ۽ ادارن وچ ۾ بداعتمادي پيدا ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته نوجوان ئي پاڪستان جي اصل ترقي ۽ طاقت آهن، انهن جي ڪري ئي ملڪ روشن مستقبل ڏانهن گامزن ٿيندو. هن چيو ته کيس هن ئي اداري مان تعليم، عزت ۽ مقام مليو آهي، جنهن کي هو ڪڏهن به وساري نه سگهندو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ڀارت کي معرڪه بنيان المرصوص ۾ نه رڳو نڪ سان چڻا چٻرايا پر آءِ ٽي جي ميدان ۾ به مٽي چٽائي ڇڏي، ان جنگ ۾ اوهان نوجوانن جو ڪردار تمام نمايان آهي. هن چيو ته معاشي ترقي جي حوالي سان اسان جو عزم تمام بلند آهي، هاڻي اسان کي دشمن کان ترقي واري ويڙهه به کٽڻي آهي، جنهن لاءِ ملڪ ۾ پاليسين جو تسلسل اڻٽر آهي. احسن اقبال چيو ته پاڪستان جي دفاعي طاقت ايٽمي صلاحيت آهي جڏهن ته معاشي طاقت جو سرچشمو اوهان نوجوان آهيو. هن چيو ته ماضي ۾ ملڪي ترقي جو رستو روڪي مصنوعي تبديلي آڻڻ جي سازش ڪئي وئي. هن چيو ته پاڪستان کي اڄ اندروني استحڪام جي ضرورت آهي. ايٽمي صلاحيت عيوض پاڪستان اهو لوهو چڻو بڻجي ويو آهي جنهن کي چٻاڙي نٿو سگهجي. هاڻي ملڪ ۾ ترقي جا ٻيهر آواز اچي رهيا آهن. ان کان اڳ وائيس چانسلر ڊاڪٽر شاهد منير وفاقي وزير احسن اقبال جي آجيان ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم جي يوٿ بابت فوڪل پرسن رضوان انور به ليپ ٽاپ اسڪيم جي اهميت تي روشني وڌي. تقريب ۾ 769 شاگردن ۾ ليپ ٽاپ ورهايا ويا.











