اسلام آباد -23 فيبروري (اي پي پي) گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير طلال چوڌري جي سربراهي ۾ گهرو وزارت جي سرڪاري وفد انقره جو پنهنجو ٻن ڏينهن وارو دورو ڪاميابي سان مڪمل ڪري ورتو آهي. گهرو وزارت جي ترجمان موجب ان دوري ۾ مملڪتي وزير طلال چوڌري، ترڪ نائب گهرو وزير سان به ملاقات ڪئي، جنهن ۾ اداره جاتي سهڪار، گڏيل رابطن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي اتفاق ٿيو. وفد …
مملڪتي وزير طلال چوڌري جي سربراهي ۾ گهرو وزارت جي سرڪاري وفد جو انقره جو ٻن ڏينهن وارو سرڪاري دورو ڪاميابي سان مڪمل

مزید خبریں
اسلام آباد -23 فيبروري (اي پي پي) گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير طلال چوڌري جي سربراهي ۾ گهرو وزارت جي سرڪاري وفد انقره جو پنهنجو ٻن ڏينهن وارو دورو ڪاميابي سان مڪمل ڪري ورتو آهي. گهرو وزارت جي ترجمان موجب ان دوري ۾ مملڪتي وزير طلال چوڌري، ترڪ نائب گهرو وزير سان به ملاقات ڪئي، جنهن ۾ اداره جاتي سهڪار، گڏيل رابطن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي اتفاق ٿيو. وفد پوليس، دهشتگردي جي روڪٿام، اميگريشن ۽ نارڪوٽڪس کاتن جو دورو به ڪيو، جنهن ۾ پيشيواراڻي شراڪتداري تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. مملڪتي وزير رمضان المبارڪ جي موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف ۽ گهرو وزير محسن نقوي پاران نيڪ خواهشن جو پيغام ترڪ اختيارين تائين پهچايو. ان دوري ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ امن ۽ سيڪيورٽي سهڪار وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو.











