اسلام آباد -23 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پشين ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج خلاف ڪامياب آپريشن دوران 5 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان ۾ اسپيڪر دهشتگردن خلاف مربوط ڪارروائين تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي مهارت، وقت سر حڪمت عملي ۽ آپريشنل صلاحيتن جي تعريف ڪندي چيو ته سيڪيورٽي …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران پشين ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد -23 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پشين ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج خلاف ڪامياب آپريشن دوران 5 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان ۾ اسپيڪر دهشتگردن خلاف مربوط ڪارروائين تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي مهارت، وقت سر حڪمت عملي ۽ آپريشنل صلاحيتن جي تعريف ڪندي چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي جرئت، مهارت ۽ بهادري تي پوري قوم کي فخر آهي. اسپيڪر چيو ته قوم جي بهادر سپوتن فوري ۽ اثرائتي ڪارروائي ڪندي ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو. هن چيو ته بلوچستان ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ملڪ مان پرڏيهي حمايت يافته دهشتگرد عنصرن جي مڪمل خاتمي تائين پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي.











