اسلام آباد-23 فيبروري(اي پي پي) پاڪستان عالمي ڊجيٽل معيشت ۾ پنهنجي وڌندڙ موجودگي جو هڪ ٻيو ثبوت ڏيندي آمريڪا ۾ منعقد ورلڊ لبرٽي فورم ۾ فعال طور شرڪت ڪئي. پاڪستان ورچوئل اثاثه جات ريگيوليٽري اٿارٽي جي چيئرمين بلال بن ثاقب فورم ۾ ملڪ جي نمائندگي ڪئي ۽ ڊيجيٽل اٽاثن بابت پاڪستان جي وزن کي عالمي برادري جي سامهون پيش ڪيو چيئرمين بال بن ثاقب فورم کي عالمي مالياتي اڳواڻن، ڪرپٽو …
پاڪستان پاران عالمي ڪرپٽو مالياتي فورم ۾ نمايا طور شرڪت

مزید خبریں
اسلام آباد-23 فيبروري(اي پي پي) پاڪستان عالمي ڊجيٽل معيشت ۾ پنهنجي وڌندڙ موجودگي جو هڪ ٻيو ثبوت ڏيندي آمريڪا ۾ منعقد ورلڊ لبرٽي فورم ۾ فعال طور شرڪت ڪئي. پاڪستان ورچوئل اثاثه جات ريگيوليٽري اٿارٽي جي چيئرمين بلال بن ثاقب فورم ۾ ملڪ جي نمائندگي ڪئي ۽ ڊيجيٽل اٽاثن بابت پاڪستان جي وزن کي عالمي برادري جي سامهون پيش ڪيو چيئرمين بال بن ثاقب فورم کي عالمي مالياتي اڳواڻن، ڪرپٽو ايجاد ڪندڙن ۽ پاليسي سازن جو هڪ اهم پليٽ فارم قرار ڏيندي چيو ته اهڙا عالمي ميڙ نه رڳو پاليسي هم آهنگي کي هٿي ڏين ٿا پر ڊجيٽل مالياتي نظام ۾ شفافيت، جدت ۽ پائيداري لاءِ گڏيل حڪمت عملي پڻ واضح ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا. فورم ۾ عالمي شهرت يافته مالياتي ادارن ۽ پليٽ فارمز جا نمائندا شريڪ ٿيا جن ۾ گولڊ مين سڪس، نيسڊيڪ ، فرينڪلن ٽيمپلٽن ۽ ڪوائن بيس سميت ٻيا شامل هيا. فورم ۾ شرڪت ڪندڙن ڊيجيٽل ماليات جي مستقبل، ريگيوليٽري فريم ورڪ ۽ سيڙپڪاري جي نون موقعن تي تفصيلي طور ڳالهيون ڪيون.











