اسلام آباد-23 فيبروري (اي پي پي) ملڪ جي ناڻي جي مٽا سٽا وارن ذخيرن ۾ جاري مالي سال دوران مجموعي طور تي 3.21 ارب ڊالرن جو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق جون 2025ع جي پڄاڻي تي اسٽيٽ بئنڪ جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 12.72 ارب ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو هو، جڏهن ته ڪمرشل بئنڪن وٽ ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 5.363 ارب ڊالر …
ملڪ جي ناڻي جي مٽا سٽا وارن ذخيرن ۾ جاري مالي سال دوران مجموعي طور تي 3.21 ارب ڊالرن جي واڌ رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد-23 فيبروري (اي پي پي) ملڪ جي ناڻي جي مٽا سٽا وارن ذخيرن ۾ جاري مالي سال دوران مجموعي طور تي 3.21 ارب ڊالرن جو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق جون 2025ع جي پڄاڻي تي اسٽيٽ بئنڪ جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 12.72 ارب ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو هو، جڏهن ته ڪمرشل بئنڪن وٽ ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 5.363 ارب ڊالر هو. جون جي پڄاڻي تي مجموعي طور مٽا سٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 18.091 ارب ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو هو. اسٽيٽ بئنڪ مطابق 13 فيبروري تي ختم ٿيل هفتي ۾ ملڪ جي مجموعي مٽا سٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 21.30 ارب ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو جنهن ۾ اسٽيٽ بئنڪ وٽ 16.19 ارب ڊالرز ۽ ڪمرشل بئنڪن وٽ 5.10 ارب ڊالرز رهيو. جاري مالي سال جي شروعات کان هن وقت تائين اسٽيٽ بئنڪ وٽ مٽا سٽا وارن ناڻي جي ذخيرن ۾ 3.469 ارب ڊالرن جو اضافو جڏهن ته ڪمرشل بئنڪن وٽ مٽا سٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ 259 ملين ڊالرز جي گهٽتائي ٿي آهي.











