اسلام آباد -23 فيبروري (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت اڪنامڪ زون ڪمپني خيبرپختونخوا جي اڳوڻي سي اي او جاويد اقبال جي بطرفي خلاف داخل اپيل رد ڪري ڇڏي ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي برقرار رکيو. ڪيس جي ٻڌڻي گذريل ڏينهن وفاقي آئيني عدالت جي ٻه رڪني بئنچ ڪئي، جنهن جي سربراهي جسٽس حسن اظهر رضوي ڪئي جڏهن ته جسٽس روزي خان باريچ به بينچ ۾ شامل هو. ٻڌڻي …
وفاقي آئيني عدالت پاران ڪي پي ڪي جي اڪنامڪ زون ڪمپني جي اڳوڻي سي اي او جي برطرفي خلاف اپيل رد

مزید خبریں
اسلام آباد -23 فيبروري (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت اڪنامڪ زون ڪمپني خيبرپختونخوا جي اڳوڻي سي اي او جاويد اقبال جي بطرفي خلاف داخل اپيل رد ڪري ڇڏي ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي برقرار رکيو. ڪيس جي ٻڌڻي گذريل ڏينهن وفاقي آئيني عدالت جي ٻه رڪني بئنچ ڪئي، جنهن جي سربراهي جسٽس حسن اظهر رضوي ڪئي جڏهن ته جسٽس روزي خان باريچ به بينچ ۾ شامل هو. ٻڌڻي دوران جاويد اقبال جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته حڪومت پاران برطرفي بنا جواز ڪئي وئي آهي. وڪيل موقف اختيار ڪيو ته جاويد اقبال کي سندس ڪارڪردگي جي بنياد تي ٻيهر سي اي او جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو هو، عدالت دليل ٻڌڻ بعد اپيل رد ڪندي پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي برقرار رکڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا.











