انڊس موٽر ڪمپني جي ٽيڪس کانپوءِ منافعي ۾ 3 مهينن دوران 23 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ

اسلام آباد-23 فيبروري (اي پي پي) انڊس موٽر ڪمپني جي ٽيڪس کانپوءِ منافعي ۾ جاري مالي سال جي ٻي ٽه ماهي ۾ ساليانو بنيادن تي 23 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. ڪمپني طرفان پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ جمع ڪيل مالياتي بيان مطابق مالي سال جي ٻي ٽه ماهي ۾ ڪمپني کي 5.98 ارب رپين جو ٽيڪس کانپوءِ منافعو حاصل ٿيو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي جي ڀيٽ …

اسلام آباد-23 فيبروري (اي پي پي) انڊس موٽر ڪمپني جي ٽيڪس کانپوءِ منافعي ۾ جاري مالي سال جي ٻي ٽه ماهي ۾ ساليانو بنيادن تي 23 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. ڪمپني طرفان پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ جمع ڪيل مالياتي بيان مطابق مالي سال جي ٻي ٽه ماهي ۾ ڪمپني کي 5.98 ارب رپين جو ٽيڪس کانپوءِ منافعو حاصل ٿيو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي جي ڀيٽ ۾ 23 سيڪڙو وڌيڪ آهي. گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي ۾ ڪمپني کي 4.86 ارب روپين جو نج منافعو حاصل ٿيو هو. انهي مدي ۾ ڪمپني کي في شيئرز آمدني 76.11 رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي ۾ 61.91 رپيا هو. 

مزید خبریں