وزيراعظم پاران پشين ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جي 4 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ضلعي پشين ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جي 4 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته عزم ۽ استحڪام جي ويزن تحت سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خلاف وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪري رهي آهي، پوري قوم …

اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ضلعي پشين ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جي 4 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته عزم ۽ استحڪام جي ويزن تحت سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خلاف وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪري رهي آهي، پوري قوم دهشتگردي جي خلاف ان جنگ ۾ پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اسان ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهيون.

مزید خبریں