اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ 23 فيبروري کان قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني جي دعوت تي قطر جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ ٻيا وفاقي وزير ۽ اعليٰ عملدار پڻ گڏ هوندا. اهو دورو ٻنهي ملڪن …
وزيراعظم محمد شهباز شريف 23 فيبروري کان قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني جي دعوت تي قطر جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪندو

مزید خبریں
اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ 23 فيبروري کان قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني جي دعوت تي قطر جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ ٻيا وفاقي وزير ۽ اعليٰ عملدار پڻ گڏ هوندا. اهو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهري ڀائراڻي لاڳاپن جو مظهر آهي ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي گڏيل عزم کي اجاگر ڪري ٿو. دوحه ۾ قيام دوران وزيراعظم شيخ تميم بن حمد الثاني سان ٻطرفي ملاقات ڪندو جنهن ۾ سياسي رابطن، اقتصادي تعاون، توانائي حصيداري ۽ عوامي سطح تي رابطن سميت ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. ڌريون واپار، سيڙپڪاري، توانائي، بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ افرادي قوت جي برآمد جي شعبن ۾ تعاون جا نوان موقعا ڳولينديون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل اعتماد ۽ علائقائي ۽ عالمي فورمز تي ويجهي رابطي تي ٻڌل پراڻي حصيداري موجود آهي. هي دورو ٻنهي قيادتن کي گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ جو موقعو فراهم ڪندو ۽ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جي تجديد ڪندو.











