پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز افغانستان ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب انٽيلي جنس بيسڊ آپريشن ڪيو: بئريسٽر دانيال چوڌري

راولپندي – 23 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز افغانستان ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب انٽيلي جنس بيسڊ آپريشن ڪيو جنهن ۾ ملڪ ۾ دهشتگردي جي سنگين وارداتن ۾ ملوث عنصرن کي نشانو بڻايو ويو. هن چيو ته اهي عنصر مسجدن، مدرسن، ٻارن، شهرين ۽ سيڪيورٽي فورسز تي حملن ۾ ملوث هئا. پنهنجي بيان ۾ …

راولپندي – 23 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز افغانستان ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب انٽيلي جنس بيسڊ آپريشن ڪيو جنهن ۾ ملڪ ۾ دهشتگردي جي سنگين وارداتن ۾ ملوث عنصرن کي نشانو بڻايو ويو. هن چيو ته اهي عنصر مسجدن، مدرسن، ٻارن، شهرين ۽ سيڪيورٽي فورسز تي حملن ۾ ملوث هئا. پنهنجي بيان ۾ هن ٻڌايو ته ٽارگيٽيڊ ڪارروائي دوران اٽڪل 70 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو جڏهن ته  پوري آپريشن ۾ ڪنهن به ٻار يا سويلين کي نقصان نه پهتو. هن چيو ته ڪارروائي انتهائي مهارت ۽ تصديق ٿيل ڳجهي معلومات جي بنياد تي ڪئي وئي ۽ رڳو انهن دهشتگردن کي نشانو بڻايو ويو جيڪي پاڪستان تي حملن ۾ سڌوسنئون ملوث هئا. بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته عالمي برادري ۽ خاص طور تي گڏيل قومون ان ڳالهه کان آگاهه آهن ته افغانستان دهشتگرد گروپن جي محفوظ پناهگاهه بڻجي چڪو آهي. گڏيل قومن جي هڪ رپورٽ موجب 21 ملڪن جا دهشتگرد گروپ افغانستان ۾ موجود آهن جيڪي مختلف ملڪن ۾ ڪاررواين ۾ ملوث آهن. هن چيو ته ڀارت انهن گروهن جي سرپرستي ڪندي انهن کي تربيت ۽ مالي مدد فراهم ڪري رهيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ اهي هٿيار خريد ڪري پاڪستان ۾ دهشتگردي جون ڪارروايون ڪن ٿا. وفاقي پارلياماني سيڪريٽري وڌيڪ چيو ته اهي گروهه افغان طالبان جا پڻ دشمن آهن ۽ جيستائين انهن جو مڪمل خاتمو نٿو ڪيو وڃي دهشتگردي جو سلسلو جاري رهندو. هن چيو ته اهي خارجي اسلام جو نالو استعمال ڪن ٿا پر حقيقت ۾ انهن جو مقصد خطي کي عدم استحڪام ۾ وجهڻ آهي. هن چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف متحد آهي ۽ پنهنجي قومي ادارن سان گڏ بيٺل آهي. هن افغان حڪومت تي زور ڏنو ته اها پنهنجي سرزمين دهشتگردي جي لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪڻ جي لاءِ موثر قدم کڻي ته جيئن خطي مان دهشتگردي جي لعنت جو مڪمل خاتمو ممڪن بڻائي سگهجي. بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته پاڪستان سدائين ڳالهه ٻولهه جي ذريعي مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، تنهن هوندي به افغان سرزمين تان پراڪسي دهشتگردن جون ڪارروايون جاري رهيون. حڪومت ۽ هٿياربند فوج ڊگهي عرصي تائين صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪيو جڏهن ته قومي سلامتي تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو.

مزید خبریں