افغان عارضي حڪومت پنهنجي ڌرتي پاڪستان خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪي: سڌ سماءَ واري وزارت

اسلام آباد -22 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۾ تازن آپگهاتي بم ڌماڪن جي واقعن سميت اسلام آباد جي امام بارگاه، باجوڙ، بنون ۽ وري ٻيهر بنون ۾ ئي رمضان جي مقدس مهيني دوران وڌيڪ هڪ واقعي بعد پاڪستان وٽ ان ڳالهه جون شاهديون موجود آهن ته دهشتگردي جون اهي ڪارروايون خوارج پنهنجي افغانستان ۾ رهندڙ قيادت ۽ هينڊلرز جي حڪمن تي ڪيون. سڌ سماءَ واري وزارت پاران جي بيان …

اسلام آباد -22 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۾ تازن آپگهاتي بم ڌماڪن جي واقعن سميت اسلام آباد جي امام بارگاه، باجوڙ، بنون ۽ وري ٻيهر بنون ۾ ئي رمضان جي مقدس مهيني دوران وڌيڪ هڪ واقعي بعد پاڪستان وٽ ان ڳالهه جون شاهديون موجود آهن ته دهشتگردي جون اهي ڪارروايون خوارج پنهنجي افغانستان ۾ رهندڙ قيادت ۽ هينڊلرز جي حڪمن تي ڪيون. سڌ سماءَ واري وزارت پاران جي بيان موجب انهن حملن جي ذميواري افغانستان ۾ رهندڙ پاڪستاني طالبان جن جو تعلق فتنه الخوارج (ايف اي ڪي) ۽ ان سان لاڳاپيل تنظيمن ۽ دولت اسلاميه خراسان صوبي (آءِ ايس ڪي پي) به قبول ڪئي. پاڪستان پاران  بار بار افغان طالبان حڪومت تي زور ڀرڻ جي ڪوششن باوجود ته هو پنهنجي ڌرتي کي استعمال کان روڪڻ لاءِ واضح قدم کڻي، افغانستان ۾ موجود دهشتگرد گرو ۽ پرڏيهي حمايت يافته پاڪستان ۾ دهشتگردي جون ڪارروائيون ڪن ٿا، افغان طالبان حڪومت انهن خلاف ڪا ٺوس ڪارروائي ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي، پاڪستان هميشه کان خطي ۾ امن ۽ استحڪام برقرار رکڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، پر ان سان گڏوگڏ پنهنجي شهرين جي حفاظت ۽ سلامتي اسان جي پهرين ترجيح آهي. انهن سڀني کي نظر ۾ رکندي پاڪستان جوابي ڪارروائي ۾ پاڪستاني طالبان جي ايف اي ڪي ۽ ان سان لاڳاپيل تنظيمن ۽ آءِ ايس ڪي پي جي 7 دهشتگرد ڪيمپن ۽ ٺڪاڻن کي پاڪ افغان سرحدي علائقي ۾ انتهائي درستگي سان انٽيليجنس جي بنياد تي ڪارروائي ۾ نشانو بڻايو آهي. پاڪستان عارضي افغان حڪومت کان اميد رکي ٿو ته هو پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري ۽ خوارج دهشتگردن پاران پاڪستان خلاف پنهنجي ڌرتي جي استعمال کي روڪي ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي ماڻهن جي حفاظت اسان جي اولين ترجيح آهي. پاڪستان عالمي برادري مان به توقع رکي ٿو ته هو طالبان حڪومت زور  ڏئي هاڪاري ۽ تعميري ڪردار ادا ڪري ته هو دوحه معاهدي مطابق افغان ڌرتي کي ٻين ملڪن خلاف استعمال ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ پنهنجن واعدن تي قائم رهي جيڪو علائقائي ۽ عالمي امن ۽سلامتي لاءِ هڪ اهم قدم آهي.

مزید خبریں