هٿ سان تيار ٿيندڙ قالنين سميت ويليو ايڊڊ روانگي واپار کي هٿي وٺائڻ پهرين ترجيح آهي: ڄام ڪمال خان

اسلام آباد-22 فيبروري (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان پاڪستان ڪارپيٽ مينيوفيڪچررز اينڊ ايڪسپورٽرز ايسوسيئيشن جي وفد ملاقات ڪئي ۽ هٿ سان تيار ٿيندڙ قالينن جي روانگي واپار ۾ درپيش رڪاوٽن ۽ مسئلن جي حل لاءِ کنيل قدمن جي باري ۾ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ايسوسيئيشن جي پيٽرن ان چيف عبدالطيف ملڪ ۽ اڳوڻي سينئر وائيس چيئرمين عثمان اشرف، وفاقي وزير ڄام ڪمال خان کي …

اسلام آباد-22 فيبروري (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان پاڪستان ڪارپيٽ مينيوفيڪچررز اينڊ ايڪسپورٽرز ايسوسيئيشن جي وفد ملاقات ڪئي ۽ هٿ سان تيار ٿيندڙ قالينن جي روانگي واپار ۾ درپيش رڪاوٽن ۽ مسئلن جي حل لاءِ کنيل قدمن جي باري ۾ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ايسوسيئيشن جي پيٽرن ان چيف عبدالطيف ملڪ ۽ اڳوڻي سينئر وائيس چيئرمين عثمان اشرف، وفاقي وزير ڄام ڪمال خان کي قالينن جي سپلاءِ ۾ رڪاوٽن جي حوالي سان آگاهه ڪندي چيو ته ان جي ڪري روانگي واپار ڪندڙن کي عالمي آرڊر طئي ٿيل معاهدن موجب فراهم ڪرڻ ۾ شديد ڏکيائيون درپيش آهن ۽ ان سان عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتي مارڪيٽ شيئرز گهٽ ٿيڻ ۽ ناڻي جي مٽاسٽا کي خطرا لاحق آهن، وفد حڪومت کان آپريشنل رڪاوٽون ختم ڪرڻ ۽ سپلاءِ چين کي هموار ڪرڻ لاءِ فوري مداخلت جي درخواست به ڪئي. پيٽرن انچيف عبداللطيف ملڪ ۽ سينئر ميمبر عثمان اشرف چيو ته هٿ سان تيار ٿيل قالينون پاڪستاني صنعت جي قديم ترين روانگي واپار واري صنعت جو ڏهاڪن کان پاڪستان لاءِ قيمتي مٽاسٽا واري ناڻو ڪمائڻ جو ذريعو رهيون آهن جڏهن ته تازن سالن م مختلف سببن جي بنياد تي ان جو روانگي واپار پٺتي پئجي ويو آهي ۽ هنرمندن کي مشڪلاتون درپيش آهن. ڄام ڪمال خان وفد سان ڳالهائيندي چيو ته هٿ سان تيار ڪيل قالينن سميت ويليو ايڊڊ روانگي واپار کي هٿي وٺائڻ واپار واري وزارت جي اولين ترجيح آهي. هن وفد کي سپلاءِ مسئلا حل ڪرڻ ۽ روانگي واپار ڪندڙن کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدمن جي خاطري ڪرائيندي چيو ته ويليو ايڊڊ مينوفيڪچرنگ کي مضبوط بڻايو ويندو. معياري ۽ پائيدار روانگي واپار سان معيشت جي تعمير ڪئي ويندي ۽ ان مقصد لاءِ حڪومت سمورا دستياب وسيلا ڪتب آڻيندي.

مزید خبریں