اسلام آباد-22 فيبروري (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير طارق فضل چوڌري چيو آهي ته پاڪستان خلاف سازشن جو ڄار وڇائيندڙن کي هڪ ڀيرو ٻيهر واضح پيغام ملي چڪو آهي، هيءَ سرزمين ڪمزور ناهي، هيءَ شهيدن جي رت سان مضبوط ٿيندي آهي. گذريل ڏينهن ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ وفاقي وزير چيو ته افغانستان ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ پلجندڙ فتنه الخوارج جي ٺڪاڻن تي پاڪ فضائيه جي …
پاڪستان خلاف سازشن جو ڄار وڇائيندڙن کي هڪ ڀيرو ٻيهر واضح پيغام ملي چڪو آهي، پاڪ سرزمين ڪمزور ناهي، اها شهيدن جي رت سان مضبوط ٿيندي آهي: طارق فضل چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد-22 فيبروري (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير طارق فضل چوڌري چيو آهي ته پاڪستان خلاف سازشن جو ڄار وڇائيندڙن کي هڪ ڀيرو ٻيهر واضح پيغام ملي چڪو آهي، هيءَ سرزمين ڪمزور ناهي، هيءَ شهيدن جي رت سان مضبوط ٿيندي آهي. گذريل ڏينهن ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ وفاقي وزير چيو ته افغانستان ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ پلجندڙ فتنه الخوارج جي ٺڪاڻن تي پاڪ فضائيه جي وقت سر ۽ اثرائتي ڪارروائي اصل ۾ انهن معصوم جانين جو بدلو آهي جيڪي دهشتگردي جي باهه جي وَر چڙهي ويون. هن چيو ته هي صرف هڪ آپريشن نه هو، هي هر ان ماءُ جي ڳوڙهن جو جواب هو جنهن پنهنجي پُٽ کي وطن تي قربان ڪيو، هي هر ان ٻار جي خوابن جو دفاع هو جيڪو هڪ محفوظ پاڪستان چاهي ٿو. هن چيو ته جيڪو به پاڪستان کي ڪمزور سمجهڻ جي غلطي ڪندو، اهو ياد رکي ته اسان امن جا خواهشمند ضرور آهيون پر پنهنجي سرزمين، پنهنجي عوام ۽ پنهنجي وقار تي ڪو به سمجهوتو نه ڪنداسين. جيڪو ميري اک سان ڏسندو، اهو تباهه ۽ برباد ٿي ويندو، ڪو به بچي نه سگهندو. وفاقي وزير چيو ته هي وطن اسان جي سڃاڻپ آهي، اسان جي غيرت آهي، اسان جو ايمان آهي. هن چيو ته پاڪستان پهريان به هو، پاڪستان اڄ به آهي ۽ پاڪستان هميشه رهندو. ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري پنهنجي پوسٽ جي آخر ۾ پاڪستان سڀ کان پهريان، سان قومي جهنڊي جي تصوير به شيئر ڪئي.











