اسلام آباد-22 فيبروري (اي پي پي) عظيم انقلابي شاعر جوش مليح آبادي جي ورسي آچر 22 فيبروري تي ملهائي وئي. جوش مليح آبادي 5 ڊسمبر 1898ع تي مليحه آباد ۾ يپدا ٿيو ۽ سندس پورو نالو شبير حسن خان هو. هن پنهنجي تعليم وسوا يونيورسٽي مان حاصل ڪئي. عظيم شاعري سان گڏ غزل ۽ نظم تي پڻ تمام گهڻو ڪم ڪيو ۽ شهرت حاصل ڪئي. جوش مليح آبادي آزادي جي …
عظيم انقلابي شاعر جوش مليح آبادي جي ورسي ملهائي وئي

مزید خبریں
اسلام آباد-22 فيبروري (اي پي پي) عظيم انقلابي شاعر جوش مليح آبادي جي ورسي آچر 22 فيبروري تي ملهائي وئي. جوش مليح آبادي 5 ڊسمبر 1898ع تي مليحه آباد ۾ يپدا ٿيو ۽ سندس پورو نالو شبير حسن خان هو. هن پنهنجي تعليم وسوا يونيورسٽي مان حاصل ڪئي. عظيم شاعري سان گڏ غزل ۽ نظم تي پڻ تمام گهڻو ڪم ڪيو ۽ شهرت حاصل ڪئي. جوش مليح آبادي آزادي جي جدوجهد واري تحريڪ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو ۽ پنهنجي انقلابي شاعري سبب ”شاعر انقلاب“ طور مشهور ٿيو. سندس خدمتن جي اعتراف ۾ هن کي حلال امتياز سميت ڪيترائي قومي ۽ عالمي اعزاز پڻ ڏنا ويا. جوش مليح آبادي 22 فيبروري 1982ع ۾ اسلام آباد ۾ پنهنجي حقيقي خالق سان مليو. سندس ورسي جي موقعي تي علمي ۽ ادبي حلقن پاران عظيم شاعر کي ڀرپور انداز ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو ويو.











