خيبر پختونخوا جي گورنر سان اٽلي ۾ رهندڙ مشهور ڪاروباري شخصيت ارشد محمود چيمه جي ملاقات

پشاور-22 فيبروري (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان اٽلي ۾ رهندڙ مشهور ڪاروباري شخصيت ارشد محمود چيمه گذريل ڏينهن گورنر هائوس پشاور ۾ ملاقات ڪئي. گورنر جي پبلڪ ريليشنز آفيسر طرفان جاري بيان مطابق ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن، خيبر پختونخوا ۾ سيڙپڪاري جي موقعن ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ ڏيهه واسين جي ڪردار تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گورنر، صوبي ۾ …

پشاور-22 فيبروري (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان اٽلي ۾ رهندڙ مشهور ڪاروباري شخصيت ارشد محمود چيمه گذريل ڏينهن گورنر هائوس پشاور ۾ ملاقات ڪئي. گورنر جي پبلڪ ريليشنز آفيسر طرفان جاري بيان مطابق ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن، خيبر پختونخوا ۾ سيڙپڪاري جي موقعن ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ ڏيهه واسين جي ڪردار تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گورنر، صوبي ۾ صنعت، سياحت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪندي چيو ته حڪومت سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي. ان موقعي تي ارشد محمود چيمه، خيبر پختونخوا ۾ ڪاروباري امڪانن ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اوورسيز پاڪستاني صوبي جي معاشي ترقي ۾ موثر ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن صنعتي ۽ واپاري شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي ضرورت تي به زور ڀريو. گورنر چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن ۽ انهن جي سيڙپڪاري سان نه صرف روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا پر صوبي جي معيشت به مستحڪم ٿيندي. 

مزید خبریں