وزيراعظم محمد شهباز شريف جي بنون ضلعي ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن طرفان سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي حملي جي شديد مذمت

لنڊن-21 فيبروري(اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بنون ضلعي ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن طرفان سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي حملي جي شديد مذمت ڪندي پاڪ فوج جي ليفٽيننٽ ڪرنل شهزاده گل فراز ۽ سپاهي ڪرامت شاهه جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ڇنڇر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم حملي ۾ شهيد ٿيلن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ …

لنڊن-21 فيبروري(اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بنون ضلعي ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن طرفان سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي حملي جي شديد مذمت ڪندي پاڪ فوج جي ليفٽيننٽ ڪرنل شهزاده گل فراز ۽ سپاهي ڪرامت شاهه جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ڇنڇر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم حملي ۾ شهيد ٿيلن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ سندن پونئيرن لاءِ دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم فتنه الخوارج جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائيندي 5 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي تعريف ڪئي. هن چيو ته فتنه الخوارج طرفان رمضان جي برڪتن واري مهيني ۾ دهشتگردي جي ڪوشش ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته دهشتگرد جو ڪو به مذهب ناهي هوندو، سيڪيورٽي فورسز وقت سر ڪارروائي ڪندي شهر کي وڏي نقصان کان بچايو. وزيراعظم چيو ته عزم استحڪام ويزن تحت سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي خلاف وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، سڄي قوم دهشتگردي خلاف ان جنگ ۾ پاڪستاني فوج سان گڏ بيٺل آهي، اسان ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پر عزم آهيون.

مزید خبریں