وفاقي وزير محسن نقوي پاران ڪرنل شهزاده گل فراز ۽ سپاهي ڪرامت شاهه کي ڀرپور خراج عقيدت پيش

اسلام آباد-21 فيبروري(اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي بنون ۾ شهادت ماڻيندڙ ليفٽيننٽ ڪرنل شهزاده گل فراز ۽ سپاهي ڪرامت شاهه کي زبردست لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي شهيد ڪرنل ۽ سپاهي جي پونئيرن سان دلي همدردي جو اظهار ۽ تعزيت ڪئي آهي. گهرو وزارت طرفان جاري تعزيتي بيان ۾ محسن نقوي چيو ته شهيد ڪرنل شهزاده گل فراز جرئت ۽ شجاعت جي تاريخ لِکي آهي. گهرو …

اسلام آباد-21 فيبروري(اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي بنون ۾ شهادت ماڻيندڙ ليفٽيننٽ ڪرنل شهزاده گل فراز ۽ سپاهي ڪرامت شاهه کي زبردست لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي شهيد ڪرنل ۽ سپاهي جي پونئيرن سان دلي همدردي جو اظهار ۽ تعزيت ڪئي آهي. گهرو وزارت طرفان جاري تعزيتي بيان ۾ محسن نقوي چيو ته شهيد ڪرنل شهزاده گل فراز جرئت ۽ شجاعت جي تاريخ لِکي آهي. گهرو وزير شهيد ڪرنل ۽ سپاهي ڪرامت شاهه کي سلام پيش ڪندي چيو ته ڪرنل شهزاده گل فراز شهادت ماڻي، فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو. محسن نقوي چيو ته شهيد ڪرنل شهزاده گل فراز جي عظيم قرباني کي هميشه ياد رکيو ويندو. هن چيو ته قوم شهيدن جي عظيم قربانين جي مقروض آهي.

مزید خبریں