اسلام آباد-21 فيبروري(اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته مادري ٻوليون انسان جي سڃاڻپ، وقار ۽ تهذيبي ورثي جو بنياد آهن، اهي نه رڳو اسان جي سڃاڻپ کي اجاگر ڪن ٿيون پر اسان جي رسم ۽ رواج، قدرن ۽ ثقافتي روايتن جون عڪاس به آهن. سينيٽ سيڪريٽريٽ مطابق ڇنڇر تي مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سيد يوسف رضا …
مادري ٻوليون انسان جي سڃاڻپ، وقار ۽ تهذيبي ورثي جو بنياد آهن، انهن جو تحفظ سڀني جي گڏيل ذميواري آهي: سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني

مزید خبریں
اسلام آباد-21 فيبروري(اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته مادري ٻوليون انسان جي سڃاڻپ، وقار ۽ تهذيبي ورثي جو بنياد آهن، اهي نه رڳو اسان جي سڃاڻپ کي اجاگر ڪن ٿيون پر اسان جي رسم ۽ رواج، قدرن ۽ ثقافتي روايتن جون عڪاس به آهن. سينيٽ سيڪريٽريٽ مطابق ڇنڇر تي مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته گهر جي ٻولي ۾ تعليم جي شروعات ڪندڙ ٻارن جي ذهني واڌ ويجهه وڌيڪ اثرائتي ۽ متوازن انداز ۾ ٿيندي آهي، مادري ٻولي ٻارن جو پهريون آواز ۽ سندن وراثتي علم ۽ روايتن جي امين هوندي آهي جيڪا سندن شخصيت سازي ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪندي آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ٻولين جو هڪ خوبصورت ۽ رنگين گلدستو آهي، ملڪ ۾ پنجابي، سنڌي، پشتو، بلوچي، سرائيڪي، براهوي، هندڪو، هزاروي ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون جيڪي اسان جي گڏيل ثقافت، تاريخ، روايتي رابطن ۽ تاريخي داستانن جي ترجماني ڪن ٿيون. هن چيو ته اردو وفاقي اڪائين کي ڳنڍڻ واري رابيط جي ٻولي طور اهم ڪردارا ادا ڪري رهي آهي پر پاڪستان ۾ ڳالهائنجندڙ سموريون ٻوليون هڪ جيتري احترام ۽ فخر جون مستحق آهن. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پاڪستان جي ماديري ٻولين ۾ ڪيترن ئي شاعرن ۽ اديبن جنم ورتو جن پنهنجي تخليقن ذريعي قومي ۽ عالمي سطح تي ملڪ جو نالو روشن ڪيو، اهي ٻوليون اسان جي ابن ڏاڏن جي قيمتي ميراث آهن جن جو تحفظ، ترويج ۽ هٿي ڏيڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته مادري ٻولين جي تحفظ ۽ انهن کي هٿي ڏيڻ لاءِ مربوط قدم اڻٽر آهن ته جيئن ايندڙ نسلن کي پنهنجي ثقافتي پاڙن سان مضبوطي سان جوڙي سگهجي ۽ قومي يڪجهتي کي وڌيڪ مستحڪم بڻائي سگهجي.











