اسلام آباد-21 فيبروري(اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان گلگت بلتستان جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) يار محمد خان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ چونڊ دوران سيڪيورٽي، امن امان ۽ سياحت کي هٿي وٺرائڻ بابت خيالن تي ڏي وٺ ڪئي وئي. گهرو وزارت موجب نگران وڏي وزير چيو ته گلگت بلتستان ۾ سي ٽي ڊي کي جلد آپريشن ڪيو ويندو جنهن تي گهرو وزير چيو ته …
وفاقي وزير محسن نقوي سان گلگت بلتستان جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) يار محمد خان جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-21 فيبروري(اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان گلگت بلتستان جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) يار محمد خان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ چونڊ دوران سيڪيورٽي، امن امان ۽ سياحت کي هٿي وٺرائڻ بابت خيالن تي ڏي وٺ ڪئي وئي. گهرو وزارت موجب نگران وڏي وزير چيو ته گلگت بلتستان ۾ سي ٽي ڊي کي جلد آپريشن ڪيو ويندو جنهن تي گهرو وزير چيو ته سي ٽي ڊي کي جديد ٽيڪنالاجي ۽ هٿيارن جي حوالي سان پوري معاونت فراهم ڪنداسين. هن خاطري ڪرائي ته گلگت بلتستان جون سموريون ضرورتون پوريون ڪيون وينديون. گهرو وزير چيو ته چونڊ دوران اضافي نفري فراهم ڪري امن امان هر صورت برقرار رکيو ويندو. محسن نقوي چيو ته محفوظ ۽ پرامن ماحول خطي ۾ سياحت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تمام ضروري آهي.











