مادري ٻولي سڃاڻپ، ثقافت ۽ ورثي جي بنياد، ان جي بنا ترقي جو خواب اڌورو آهي: سينيٽر روبينه خالد

اسلام آباد-21 فيبروري(اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام(بي آءِ ايس پي) جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد چيو آهي ته مادري ٻولي سڃاڻپ، ثقافت ۽ ورثي جي بنياد ۽ ان جي بنا ترقي جو خواب اڌورو آهي. بي آءِ ايس پي مان جاري بيان ۾ چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد، مادري ٻوليءَ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته مادري ٻولين جو تحفظ سماجي انصاف کي هٿي …

اسلام آباد-21 فيبروري(اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام(بي آءِ ايس پي) جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد چيو آهي ته مادري ٻولي سڃاڻپ، ثقافت ۽ ورثي جي بنياد ۽ ان جي بنا ترقي جو خواب اڌورو آهي. بي آءِ ايس پي مان جاري بيان ۾ چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد، مادري ٻوليءَ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته مادري ٻولين جو تحفظ سماجي انصاف کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اڻٽر ۽ انهن جو تنوع پاڪستان جي خوبصورتي ۽ طاقت آهي. سينيٽر روبينه خالد چيو ته مادري ٻولي ۾ تعليم ٻارن جي روشن مستقبل جي ضمانت آهي. هن چيو ته بي آءِ ايس پي هر طبقي تائين ان جي ٻولي ۾ پهچ تي يقين رکي ٿي. هن چيو ته مادري ٻولين کي هٿي وٺرائي قومي يڪجهتي کي مضبوط بڻائي سگهجي ٿو. هن چيو ته ثقافتي هم آهنگي لاءِ سمورين ٻولين جو احترام ضروري آهي. هن چيو ته مادري ٻوليءَ جي تحفظ سان نسلن جو رشتو مضبوط ٿيندو آهي. سينيٽر روبينه خالد چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سماجي شموليت لاءِ لساني تنوع کي تسليم ڪري ٿو، مادري ٻولين جي بنا ترقي جو خراب اڌورو آهي. 

مزید خبریں