مادري ٻولي قوم جي فڪري بنياد، تهذيبي سڃاڻپ ۽ تاريخي تسلسل جي محافظ، انهن جو تحفظ اصل قومي سڃاڻپ ۽ ثقافتي خودمختياري جو تحفظ آهي: سينيٽ جو ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر

اسلام آباد-21 فيبروري(اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر چيو آهي ته مادري ٻولي ڪنهن به قوم جي فڪري بنياد، تهذيبي سڃاڻپ ۽ تاريخي تسلسل جي محافظ هوندي آهي. ٻولي نه صرف خيالن جي اظهار جو وسيلو آهي پر اهو هڪ قوم جي اجتماعي شعور، قدرن، رواجن ۽ ثقافتي ورثي جي امين به آهي، مادري ٻولين جو تحفظ اصل قومي سڃاڻپ ۽ ثقافتي خودمختياري جو تحفظ آهي. …

اسلام آباد-21 فيبروري(اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر چيو آهي ته مادري ٻولي ڪنهن به قوم جي فڪري بنياد، تهذيبي سڃاڻپ ۽ تاريخي تسلسل جي محافظ هوندي آهي. ٻولي نه صرف خيالن جي اظهار جو وسيلو آهي پر اهو هڪ قوم جي اجتماعي شعور، قدرن، رواجن ۽ ثقافتي ورثي جي امين به آهي، مادري ٻولين جو تحفظ اصل قومي سڃاڻپ ۽ ثقافتي خودمختياري جو تحفظ آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان ۾ مادري ٻولين جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين چيو ته تعليم جي ماهرن ۽ تحقيق مان اها ڳالهه ثابت آهي ته ٻارن کي شروعاتي تعليم مادري ٻولي ۾ ڏيڻ سان انهن جي ذهني واڌ ويجهه، فهم ۽ تخليقي صلاحيتن ۾ نمايان اضافو ٿيندو آهي، مادري ٻولي ۾ سکڻ وارو ٻار نه صرف بهتر تعليمي ڪارڪردگي ڏيکاري ٿو پر هو پنهنجي ثقافت ۽ معاشرتي قدرن سان به مضبوطي سان ڳڍيل رهندو آهي. هن چيو ته پاڪستان لساني ۽ ثقافتي تنوع جو حسين امتزاج آهي، ملڪ جي مختلف حصن ۾ پنجابي، سنڌي، پشتو، بلوچي، سرائيڪي، براهوي، هندڪو، شينابلتي. کوار، ڪشميري ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ٻوليون ڳالهايون وينديون آهن، اهي سموريون ٻوليون اسان جي قومي سڃاڻپ جو قيمتي اثاثو ۽ اسان جي تاريخ، لوڪ رواج، داستانن، صوفياڻي ڪلام ۽ ادبي سرمائي جون ترجمان آهن. هن چيو ته اردو قومي ۽ رابطي جي ٻولي طور وفاق کي صوبن سان جوڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. سيدال خان ناصر چيو ته اسان جي مادري ٻولين بي شمار ناليوار شاعر، اديب، مفڪر ۽ دانشور پيدا ڪيا، جن پنهنجي تخليقن ذريعي نه صرف قومي سطح تي پر عالمي سطح تي به پاڪستان جو نالو روشن ڪيو، انهن ٻولين ۾ موجود ادبي ۽ فڪري سرمايو ايندڙ نسلن لاءِ مشعل راهه آهي. هن ان امر تي زور ڀريو ته جديد دور جي تقاضائن کي نظر ۾ رکندي مادري ٻولين کي ڊجيٽل ۽ تعليمي شعبن ۾ هٿي ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. 

مزید خبریں