روانگي واپار تي ٻَڌل معيشت، صوبائي ۽ ضلعي سطح تي گڏيل صنعتي يونٽن ذريعي ميڪرو اڪنامڪ اؤسر ملڪ ۾ غربت جي خاتمي لاءِ وقت جي اهم ضرورت آهي: احسن اقبال

اسلام آباد-20 فيبروري (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته روانگي واپار تي ٻَڌل معيشت، صوبائي ۽ ضلعي سطح تي گڏيل صنعتي يونٽن ذريعي ميڪرو اڪنامڪ اؤسر ملڪ ۾ غربت جي خاتمي لاءِ وقت جي اهم ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن رٿابندي، ترقي ۽ خاص قدمن جي آڊيٽوريم ۾ رٿيل غربت ۽ عدم مساوات جي ڪاٿي 25-2024ع …

اسلام آباد-20 فيبروري (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته روانگي واپار تي ٻَڌل معيشت، صوبائي ۽ ضلعي سطح تي گڏيل صنعتي يونٽن ذريعي ميڪرو اڪنامڪ اؤسر ملڪ ۾ غربت جي خاتمي لاءِ وقت جي اهم ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن رٿابندي، ترقي ۽ خاص قدمن جي آڊيٽوريم ۾ رٿيل غربت ۽ عدم مساوات جي ڪاٿي 25-2024ع جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته جٽادار ترقيءَ جا هدف (ايس ڊي جيز) طرف اڳڀرائيءَ کي اڳتي وڌائيندي مقامي صلاحيتن کي کولڻ ۽ هيٺين سطح تي غربت جي خاتمي لاءِ ضلعي ۽ صوبائي سطحن تي ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن (ايس ايم ايز) ۽ ڪاٽيج انڊسٽريز کي هٿي وٺرائڻ تي ڪم جاري آهي. هن چيو ته معياري تعليم ۽ وسيلن جي برابري جي ورڇ سان روانگي واپار ترقي قومي ۽ صوبائي ٻنهي سطحن تي غربت کي گهٽ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. احسن اقبال چيو ته ڪووڊ-19 دوران عالمي غذائي ناڻي واڌ جي سپر سائيڪل سان گڏوگڏ ماحولياتي تباهي جهڙي ٻوڏ ۽ جنسن جي قيمتن ۾ واڌ سبب قومي غربت 21.9 سيڪڙو کان وڌي وئي. هن چيو ته معاشي چئلينجز جو هڪ حصو پاڪستان تحريڪ انصاف جي قيادت واري اڳوڻي حڪومت جون پاليسيون هيون جنهن سبب معاشي بدانتظامي ۽ سياسي عدم استحڪام ملڪ کي انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) سان ٽن پروگرامن ۾ داخل ٿيڻ تي مجبور ڪيو. هن چيو ته آءِ ايم ايف جي معاهدن تحت سبسڊي ۾ گهٽتائيءَ سميت سخت سڌارن وارن قدمن غربت جي سطح کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. گذريل حڪومت جي ضرورت کان وڌيڪ آمدني واپار معيشت کي نقصان پهچايو. آمدني واپار جو ڳاڻيٽو 80 ارب ڊالرن تائين پهتو جنهن جي نتيجي ۾ 50 ارب ڊالرن جو واپاري خسارو ٿيو. وفاقي وزير چيو ته پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) غربت ۾ واضح گهٽتائي ۽ جٽادار ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو تهص وبن وٽ هاڻ وفاق جي ڀيٽ ۾ پي ايس ڊي پي جي وسيلن جو وڏو حصو آهي صوبائي حڪومتن کي غربت کي مُنهن ڏيڻ لاءِ جامع صوبائي حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي جنهن سان صوبائي سطح تي غربت ۾ گهٽتائيءَ جي ڪوششن تي سڌيءَ ريت اثر پوندو. هن چيو ته گذريل 7 ڏهاڪن ۾ شهري غربت 21.9 سيڪڙو کان وڌي 28.9 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي جڏهن ته ان ئي عرصي دوران ٻهراڙي غربت 28.2 سيڪڙو مان وڌي 36.2 سيڪڙو تائين رڪارڊ ڪئي وئي. هن چيو ته جٽادار ترقي کي حاصل ڪرڻ ۽ جي ڊي پي کي وڌائڻ لاءِ معاشي استحڪام ضروري آهي جنهن سان غربت ۾ نتيجو ڏيندڙ گهٽتائي واقع ٿي سگهي ٿي. احسن اقبال چيو ته صوبن اندر وسيلن جي اڻبرابري ورڇ غربت ۽ عدم مساوات ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. هن خبردار ڪيو ته دهشتگردي انهن ضلعن ۾ مضبوطي پڪڙي ٿي جتي فرق ۽ محرومي وڌيڪ آهي. هن چيو ته اسان کي جامع ۽ جٽادار اقتصادي ترقيءَ لاءِ پُٺتي پيل ضلعن ۾ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بنائڻ لاءِ جامع پاليسين جي ضرورت آهي. زيرو پاورٽي جي هدف کي حاصل ڪرڻ لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪندي وفاقي وزير چيو ته ننڍن صنعتي يونٽس جي قيام ذريعي امڪاني ضلعن جي ٽارگٽڊ ترقي پهرين ترجيح آهي.

مزید خبریں