هر شهريءَ کي برابريءَ وارا موقعا فراهم ڪرڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميداري آهي: سينيٽر شيري رحمان

اسلام اباد-20 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته هر شهريءَ کي برابريءَ وارا موقعا فراهم ڪرڻ ۽ انهن کي پنهنجي محنت موجب بهتر زندگي گذارڻ جو رستو ڏيڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميداري آهي، پاڪستان جو هدف هڪ منصفاڻو، خوشحال، برابري وارو ۽ ماحول دوست معاشرو قائم ڪرڻ هئڻ گهرجي. عالمي يومِ سماجي انصاف جي موقعي تي پنهنجي يپغام ۾ …

اسلام اباد-20 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته هر شهريءَ کي برابريءَ وارا موقعا فراهم ڪرڻ ۽ انهن کي پنهنجي محنت موجب بهتر زندگي گذارڻ جو رستو ڏيڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميداري آهي، پاڪستان جو هدف هڪ منصفاڻو، خوشحال، برابري وارو ۽ ماحول دوست معاشرو قائم ڪرڻ هئڻ گهرجي. عالمي يومِ سماجي انصاف جي موقعي تي پنهنجي يپغام ۾ هن چيو ته اڄ جو ڏينهن اهو عهد ورجائڻ ضروري آهي ته هر شهريءَ کي برابريءَ وارا موقعا ۽ انصاف تائين مڪمل رسائي حاصل ٿئي، پاڪستان ۾ لکين ماڻهو روزانو جي بنياد تي معاشرتي ۽ اقتصادي معاونت جا محتاج آهن، ان لاءِ رياست جي ذميداري آهي ته هو ڪمزور طبقن کي اثرائتو تحفظ فراهم ڪري. هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لکين ڪٽنبن کي مالي مدد فراهم ڪري کين زندگيءَ تي هاڪاري اثر جوڙيا آهن. سينيٽر شيري رحمان چيو ته هي پروگرام نه صرف غربت ۾ گهٽتائيءَ جو سبب بڻيو آهي پر عورتن، ٻارن، بزرگن ۽ ٻين ڪمزور طبقن کي تعليم، صحت ۽ خوراڪ تائين بهتر رسائي به فراهم ڪري رهيو آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته حڪومت کي مهانگائي ۽ ماحولياتي تبديليءَ جا اثر گهٽ ڪرڻ، وسيلن جو اثرائتو استعمال ۽ ضروري سڌارن تي سنيجدگيءَ سان ڌيان ڏيڻو پودنو. هن چيو ته سماجي انصاف کي هٿي وٺرائڻ، برابريءَ جا موقعا وڌائڻ ۽ هر شهريءَ کي معاشرتي يا اقتصادي محروميءَ کان محفوظ رکڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.

مزید خبریں