اسلام آباد-20 فيبروري (اي پي پي)اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان، ڪي پي ڪي جي اڳوڻي وزيراعليٰ علي امين گنڊا پور ۽ حسن زهري خلاف ڪيسن جي ٻڌڻي جي تاريخ 24 فيبروري مقرر ڪئي آهي. اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل ڪاز لسٽ موجب ڪي پي ڪي جي اڳوڻي وزيراعليٰ علي امين گنڊا پور خلاف صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ڪي 113 لاءِ جمع ڪرايل نامزدگي ڪاغذن ۾ ڏنل اثاثن جي گوشوارن تي …
اليڪشن ڪميشن پاران علي امين گنڊا پور ۽ حسن زهري خلاف ڪيسن جي ٻڌڻي جي تاريخ 24 فيبروري مقرر

مزید خبریں
اسلام آباد-20 فيبروري (اي پي پي)اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان، ڪي پي ڪي جي اڳوڻي وزيراعليٰ علي امين گنڊا پور ۽ حسن زهري خلاف ڪيسن جي ٻڌڻي جي تاريخ 24 فيبروري مقرر ڪئي آهي. اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل ڪاز لسٽ موجب ڪي پي ڪي جي اڳوڻي وزيراعليٰ علي امين گنڊا پور خلاف صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ڪي 113 لاءِ جمع ڪرايل نامزدگي ڪاغذن ۾ ڏنل اثاثن جي گوشوارن تي اليڪشن ڪميشن کيس 24 فيبروري تي طلب ڪيو آهي. ا هڙي ريت پي بي 36 قلات مان علي حسن زهري ۽ صالح ڀوتاڻي جي ڪيس جي ٻڌڻي پڻ ساڳئي ڏينهن ٿيندي.











