واشنگٽن – 20 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آمريڪا جي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ گڏيل واپار ۽ اقتصادي سرگرمين جي فروغ ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم تيزي سان بدلجندڙ عالمي ماحول ۾ گڏيل مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي …
وزيراعظم شهباز شريف ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو جي ملاقات، گڏيل واپار، اقتصادي سرگرمين جي فروغ ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق

مزید خبریں
واشنگٽن – 20 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آمريڪا جي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ گڏيل واپار ۽ اقتصادي سرگرمين جي فروغ ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم تيزي سان بدلجندڙ عالمي ماحول ۾ گڏيل مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن جي تسلسل جي اهميت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف بورڊ آف پيس ليڊرز جي اجلاس جي موقعي تي آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پڻ وزيراعظم سان گڏ هو. وزيراعظم آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ پرڏيهي وزير مارڪو روبيو کي بورڊ آف پيس جي ڪامياب افتتاحي اجلاس منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان غزه امن منصوبي تي عملدرآمد جي لاءِ بورڊ آف پيس سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. ٻنهي طرفن کان پاڪستان ۽ آمريڪا جي اسٽريٽجڪ لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو ۽ صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي قيادت ۾ حصيداري جي مثبت تسلسل ۽ رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. ڌرين گڏيل واپار ۽ اقتصادي سرگرمين جي فروغ ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم تيزي سان بدلجندڙ عالمي ماحول ۾ گڏيل مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾اعليٰ سطحي رابطن جي تسلسل جي اهميت تي زور ڏنو.











